حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي چيف سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت چيو آهي ته حيدرآباد- سکر موٽروي منصوبي جي رقم ۾ ڪرپشن جي جاچ جو سلسلو جاري آهي. ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم جي فرار ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته موٽروي لاءِ زمين جي خريداري ۾ گهوٻين جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي به پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. حيدرآباد ۾ ترقياتي رٿائن جي جائزي واري اجلاس ۾ آفيسرن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ هڪ ڪيس جي شنوائي دوران ”ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري چيو ته ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم جي فرار ٿيڻ جي خبر 2 ڏينهن اڳ پئي.  حيدرآباد جي ترقياتي رٿائن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چيف سيڪريٽري چيو ته نياز اسٽيڊيم جي بحالي جي حوالي سان پي سي بي جي چيئرمين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. جلد اسٽيڊيم کي عالمي معيار جو اسٽيڊيم بڻايو ويندو ته جيئن هتي به بين الاقومي ميچون ٿي سگهن. راڻي باغ سميت حيدرآباد جي ٻين تفريحي پارڪن، روڊ ن، اسڪولن ۽ اسپتالن جي ترقياتي ڪمن کي مقرر وقت تي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن اهي رٿائون ماڻهن لاءِ لاڀائتيون ثابت ٿي سگهن.