نوشهروفيروز (رپورٽر) سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي ايم سڪس جي اڏاوت لاءِ زمين جي خريداري ۾ خرد برد وارو معاملي جي 20 ھين گريڊ جي آفيسرن سيد سجاد حيدر، طارق شاهه ۽ فاروق بلو ٻئي ڏينھن به جاري رکي، ان ڏس ۾ ڊي سي آفيس نوشهروفيروز جي ڪميٽي روم ۾ جاري جاچ ۾ اڃا وڌيڪ 58 تپيدارن کي شامل ڪيو ويو آھي ۽ انھن کي ٽيم آڏو پھچي پنھنجا بيان پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آھي. جڏھن ته ٽيم ڊي سي آفيس جي اڪائونٽنٽ، پي ايس ۽ ٻين روينيو ملازمن کي طلب ڪري بيان ورتا. ان کان علاوہ نيشنل بئنڪ برانچ نوشھروفيروز ۽ سنڌ بئنڪ برانچ نوشھروفيروز کان ڊي سي جي اڪائونٽن ۽ پئسن جي ٽرانزيڪشن بابت رڪارڊ طلب ڪيو ويو آھي. روينيو کاتي کان فوتي کاتن سميت کاتن جي مٽاسٽا جو رڪارڊ طلب ڪري ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي. ٻئي پاسي ذريعن موجب 15 کان وڌيڪ  کاتيدارن کي طلب ڪيو ويو جن مان صرف چئن کاتيدارن رقم نه ملڻ جي نشاندهي ڪئي آهي. ٽيم اڃا تائين نوشهروفيروز ۾ ترسيل آھي ۽ ٽيم روزانو جي بنياد تي رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ سميت روينيو ملازمن ۽ کاتيدارن جا بيان وٺندي. ھوڏانھن سموري جاچ ۾ ميڊيا کي پري رکيو ويو آهي.