حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڪي اين شاه مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ متاثرين جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر دادو مرتضي علي شاه ۽ ڊي ايڇ او دادو احمد علي سميجو کي نوٽيس جاري ڪندي کين 27 سيپٽمر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي،هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري الطاف سچل اعواڻ صوبائي حڪومت کي ڌر بڻائيندي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي آهي ته دادو ضلعي جي عملدارن 13 سيپٽمبر جي عدالتي حڪم تي ڪو به عمل ناهي ڪرايو ڇاڪاڻ ته لاڳاپيل عدالت هفتو اڳ ڊي سي دادو ۽ ٻين کي حڪم ڏنو هو ته ڪي اين شاه مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ مشينون لڳائي هنگامي بنيادن تي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي جڏهن ته عدالت متاثر ماڻهن لاءِ قائم ٽينٽ سٽي ۾ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري کين ٻيون بنيادي سهولتون معيسر ڪرڻ جو به حڪم ڏنو پر ان تي اڃا تائين ڪو به عمل ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري متاثر بکن ۾ پاه بڻجي بي يارو مددگار بڻيل آهن. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو ٻڌڻي ڪئي.