ڊي سي خيما نٿو ڏئي، راشن به ناھي مليو: ٻڍڙي عورت جي وڏي وزير آڏو دانھن

0
331

نوشهروفيروز ڀرسان قائم خيما بستي ۾ ٻوڏ متاثر ٻُڍڙي عورت جي وڏي وزير کي دانهن، سعدي موساڻي واسڻ پيرسن عورت وڏي وزير کي چيو ته ڊي سي سوڌو ٻين عملدارن اڳيان دانهون ڪري ٿڪجي پئي آهي، اڃا تائين خيمو ۽ راشن ناهي مليو

وڏي وزير مراد علي شاهه ڊي سي ۽ اي سي کي گهرائي ٻڍڙي عورت کي فوري خيمو لڳائي ڏيڻ جي هدايت ڪئي

وڏي وزير ۽ سهولتن جي کوٽ جون دانهون ڪندڙ سوشل ورڪر وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي آھي