ٺري ميرواھ: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور شرجيل نور چنا ٺري ميرواھ شھر  پهچي ٽن مهينن کان پاڻي هيٺ آيل تعلقي آفيسن ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ پبلڪ هيلٿ وارن کي اضافي مشينري لڳرائڻ ۽ شھر جو غير فعال ڊرينيج سسٽم بحال ڪرڻ لاءِ چيو آھي، جنهن تي جلد عمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺري ميرواھ عبدالباسط هڪڙو اسٽنٽ مختيارڪار عابد ڪريم شر پڻ موجود هئا.