بدين: انڊس اسپتال بدين جي باٿ روم ۾ ڳورھاري عورت جو فوت ٿيندڙ ٻارڙي جي خبر ٽائيم نيوز تي ھلڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان نوٽيس وٺندي انڊس اسپتال جو اچانڪ دورو ڪيو ۽ سموري معاملي جي جاچ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر بدين محمد يونس رند کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو.انهيءَ موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين چيو ته ذميوارن جي نشاندھي ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ٻارڙي جي وارثن کي انصاف ضرور ملندو. اسپتال ۾ مريضن ۽ انهن سان گڏ آيل وارثن انڊس اسپتال انتظاميا خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر بدين چيو ته انڊس خلاف شڪايتون ناقابل برداشت حد تائين وڌنديون پيون وڃن ھن انتظاميا کي ھدايت ڪئي ته ھو مريضن سان سٺي نموني پيش اچن.


































