ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس “مسئلي” کي وڌائي ڇڏيو آهي؟

0
149
نئون آرمي چيف ۽ اداري جو “نيوٽرل” رهڻ وارو اعلان!

 پاڪستان ۾ ڳجها هٿ ڪهڙي طرح ڪم ڪندا رهيا آهن؟ انهن ڳجهن هٿن پويان ويهي ڪهڙيون ڪهڙيون چالون کيڏيون آهن؟ اهي ڪهڙي طرح سياسي معاملن ۽ مسئلن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن؟ سويلين حڪومتن کي آڻڻ ۽ گهر موڪلڻ ۾ انهن جو ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪردار رهيو آهي؟ سياسي قيادت لڪ ڇپ ۾ انهن سان ڪهڙا معاملا طئه ڪنديون رهيون آهن؟ اهي ۽ ان جهڙا ٻيا ڪيترا سوال آهن، جن جا جواب هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور عوام آڏو پڌرا ٿيندا. پر ان معاملي ۾ عمران خان تمام گهڻو خوشنصيب آهي جو اسان جي ملڪ جي سڀ کان وڏي ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي عمران خان جي اداري تي ڪيل تنقيد جو جواب ڏيڻ لاءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون دفعو پريس ڪانفرنس ڪري ميڊيا آڏو اچڻو پيو. هتي سڀ کان پهرين اهم ۽ بنيادي سوال هي آهي ته آخر اهڙي ڪهڙي مجبوري هئي جو خود آءِ ايس آءِ چيف کي ميڊيا آڏو اچي عمران خان جي اعتراضن، تنقيدن ۽ سوالن جا جواب ڏيڻا پيا؟ يا ايئن کڻي چئجي ته عمران خان پنهنجي بيانئي جي بنياد تي عوام جي هڪ وسيع حلقي ۾ هڪ اهڙو ماحول جوڙي ڇڏيو هو جنهن کي ٽوڙڻ يا ان جي اثر کي گهٽائڻ لاءِ هڪ اهڙي قسم جي طاقتور شخص جي سخت ضرورت هئي؟ ڇو ته عمران خان جو بيانيو پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت خلاف گهٽ پر اسٽيبلشمينٽ جي خلاف وڌيڪ سخت هو. ۽ ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته عمران خان جي اصل لڙائي اسٽيبلشمينٽ سان آهي. جيڪا هر گذرندڙ گهڙي سان وڌيڪ واضح ۽ چٽي ٿي رهي هئي، مون هن ئي صفحي تي 26 مئي 2022ع تي پنهنجي هڪ آرٽيڪل “عمران خان جو مارچ يا اسٽيبلشمينٽ جو اسٽيبلشمينٽ جي خلاف مارچ؟” لکيو هو، جنهن جي شروعات ۾ مون لکيو هو ته“هن وقت ڏسجي ته بنيادي جهيڙو ٻن طاقتن وچ ۾ هلي رهيو آهي. جنهن ۾ سياسي ميدان ۾ هڪڙي پاسي تحريڪ انصاف آهي ته ٻئي پاسي نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ آهن. جڏهن ته ٻئي پاسي عسڪري اسٽيبلشمينٽ ۾ ٿلهي ليکي ٻه لابيون (پنڊي ۽ پشاور) متحرڪ نظر اچن پيون، هڪڙي نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ جي حمايتي آهي، جڏهن ته ٻي تحريڪ انصاف جي حمايتي آهي. ماضي ۾ گهڻو ڪري عسڪري اسٽيبلشمينٽ پس پرده رهي ڪري پنهنجو مرڪزي ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪندي پئي آئي آهي، پر پهريون دفعو عمران خان ان کي سڌو سنئون اچي ميدان تي هڪڙي سڌي سنئين ڌر ڪري بيهاريو آهي.”

جنهن طريقي سان عمران خان اداري کي هڪ ڌر ڪري بيهاريو يا ايئن کڻي چئجي ته جهڙي طرح عمران خان ان بابت سوال اٿاريا ۽ تنقيد جو نشانو بڻايو پئي تنهن مان لڳي رهيو هو ته اداري تي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ دٻاءُ وڌي رهيو هو ته اهو پنهنجي دفاع ۾ به ڪنهن اهڙي شخصيت کي لاهي جيڪا ان جو ڀرپور ۽ فائنل جواب ڏئي. جيتوڻيڪ وچ وچ ۾ ڪيترا دفعا ڊي جي آءِ ايس پي آر عمران خان جي تنقيد جا معقول ۽ ڪڏهن سخت لهجي ۾ جواب ڏنا پئي، پر اهي سڀ جواب عمران خان جي بيانئي آڏو گهڻو وقت هلي نه پئي سگهيا. ڇو ته عمران خان تقريبن هر روز مين اسٽريم ميڊيا جي ٽيهه چاليهه چئنلن ۽ سوشل ميڊيا تي ٻه ٻه ڪلاڪ تمام طويل ۽ ڊگهيون تقريرون ڪري انهن جي جوابن کي اُڏاري ٿي ڇڏيو ۽ انهن طرفان جيڪي سوال اٿاريا پئي ويا، تن جو جواب ڏيڻ ئي مناسب نه پئي سمجهيو. جنهن جي نتيجي ۾ گذريل ڏينهن خود ڊي جي آءِ ايس آءِ کي پريس ڪانفرنس ڪري ٻڌائڻو پيو ته عمران خان گذريل ڇهن مهينن کان وٺي پوري اداري کي ڪيترو پريشان ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته، “پاڪستان جي اداري کي پوري دنيا ۾ بدنام ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وئي. نيوٽرل جو بيانيو فوج جي غيرقانوني ڪم نه ڪرڻ تي جوڙيو ويو. مير جعفر مير صادق، جانور ۽ نيوٽرل سڏيو ويو. ڪوڙي بيانئي جي ذريعي ماڻهن کي گمراهه ڪيو ويو، ادارن ۽ ان جي قيادت ايستائين جو آرمي چيف تي به الزام لڳايا ويا ۽ ان جي سبب معاشري ۾ تقسيم ۽ غيرمعمولي اضطراب جي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.” ان سان گڏ انهن اهو پڻ چيو ته هڪڙي پاسي رات جي اونداهي ۾ ماڻهن کان لڪي آرمي چيف سان ملاقاتون ڪيو ٿا ۽ ٻئي طرف ڏينهن جي روشني ۾ وري ان تي سخت تنقيد به ڪريو ٿا. ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار جي سوالن جا جواب ڏيندي عمران خان چيو ته “آئين پاڪستان جي مطابق پاڪستاني فوج حڪومت جو ادارو آهي، ادارن جا سربراهه اچي پريس ڪانفرنس ڪري رهي رهيا آهن ۽ ان سان گڏ اهو چئي رهيا آهن ته اسان سياست ۾ ناهيون. انهن جو پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو ڪهڙو ڪم هو؟ پوري ڳالهه ٻڌائي ڇڏيو ته بند ڪمرن ۾ ٻيون به ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون هيون؟ جيڪڏهن مون جواب ڏيڻ شروع ڪيا ته ملڪ جو نقصان ٿيندو. سياسي رجيم چينج جا هينڊلرز پنهنجي اداري ۾ رجيم چينج ٿيڻ نه ڏيندا. غيرمعمولي لڙائي ۾ پيادا پنهنجي اوقات کان نڪري ڪم ڪري ويندا آهن. هي جنگ هاڻي حتمي ۽ فيصلا ڪن جنگ آهي. جيڪڏهن ڪو سيڪيورٽي جو مسئلو هو ته ان تي اچي ڳالهه ڪريو. سياسي پريس ڪانفرس ڪري رهيا آهيو. مون کي سمجهه ۾ نه آيو. وزير دفاع نه پئي ڪري سگهيو؟ گهرو وزير يا وزيراعظم ڪري ها.” ان سان گڏ عمران خان دل ۾ اهڙي قسم جي پريس ڪانفرنس تي ضرور خوش ٿيو هوندو، ڇو ته هن جي پوري ڪوشش هئي ته ادارو ٻاهر ميڊيا ۾ اچي مون کي جواب ڏئي، جيڪو نيٺ اداري ڪيو ۽ هاڻي عمران خان ان کي به پنهنجي هڪ وڏي ڪاميابي طور ڪيش ڪرائيندو رهندو.

ان ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ٻنهي اعليٰ عسڪري آفيسرن جي پريس ڪانفرنس سخت هئي. جنهن کي هڪ لحاظ کان عمران خان کي عوام آڏو آخري الٽيميٽم پڻ چئي سگهجي ٿو. جڏهن ته ٻئي پاسي جواب ۾ جيڪا عمران خان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، اها هر لحاظ کان سخت ردعمل واري آهي. خاص طور تي سندس هي جملا ته “مون جواب ڏيڻ شروع ڪيا ته ملڪ جو نقصان ٿيندو. سياسي رجيم چينج جا هينڊلرز پنهنجي اداري ۾ رجيم چينج ٿيڻ نه ڏيندا. غيرمعمولي لڙائي ۾ پيادا پنهنجي اوقات کان نڪري ڪم ڪري ويندا آهن.” جڏهن ته ٻئي پاسي اعليٰ عسڪري آفيسرن ماضي ۾ ادا ڪيل ڪردار تي ڪا به معافي وغيره ته نه گهري پر ايترو ضرور چيائون ته،“ماضي ۾ جيڪي غلطيون ٿيون آهن ته انهن کي گذريل ويهه سالن کان پنهنجي رت سان ڌوئي رهيا آهيون.” ۽ ان سان گڏ انهن اهو به چيو ته اداري فيصلو ڪيو آهي ته ان جو ملڪ جي سياسي معاملن ۾ ڪو به ڪردار نه هوندو ۽ اهو پاڻ کي سياست کان هر صورت ۾ پري رکندو. اها ڏاڍي سٺي ڳالهه ۽ فيصلو آهي، ماضي ۾ به سياست کان پري رکڻ جا اعلان جنرل ايوب خان، جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف به ڪيا هئا، پر پوءِ رات وچ ۾ مارشل لائون ملڪ ۾ لڳي ويون. سياست کان پري رهڻ جي ڳالهه ڪرڻ سولي ۽ آسان آهي پر ان تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو؟ اهو ڏسڻ، پرکڻ ۽ ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ اداري کي اڃا تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو. رڳو انهن گذريل چوڏهن سالن (2008ع کان اڄ تائين) ۾ به طاهر القادري  2012ع ۾ جيڪو اسلام آباد ۾ پ پ حڪومت خلاف ڌرڻو هنيو، عمران خان ۽ طاهر القادري گڏجي آگسٽ 2014ع ۾ نواز شريف جي حڪومت خلاف جيڪو ڌرڻو هنيو هو، نواز شريف جي نااهلي ۾ جسٽس شوڪت جو حلفيه بيان ته آءِ ايس آءِ جي هڪ اعليٰ آفيسر آفيس ۾ اچي چيو ته نواز شريف کي هر صورت ۾ سزا ملڻ کپي نه ته اسان جي ٻن سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي، تحريڪ لبيڪ جو فيض آباد اسلام آباد ۾ ڌرڻو ۽ ان جي پويان ڳجها هٿ سڀ اهو ٻڌائن ٿا ته ڳالهيون ڪرڻ، اعلان ڪرڻ ۽ وري ان تي عمل ڪرڻ ٻه جدا جدا ڳالهيون آهن. ڳالهيون ڪجن ته اسان سياست  کان پري آهيون پر عمل ان جي ابتڙ نظر اچي ته پوءِ ڪير ان ڳالهه تي يقين ڪندو! يا صرف ان وقت چيو وڃي ته اسان جو سياست سان ڪو واسطو ناهي ۽ اسان نيوٽرل آهيون، جڏهن هڪ وزيراعظم چئي ته جيئن مون کي آڻڻ ۾ غيرمعمولي ڪردار ادا ڪيو ويو آهي تيئن وري مون کي بچائڻ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو وڃي ۽ تنهن وقت چيو وڃي ته اسان نيوٽرل آهيون، ته ان ڳالهه کي ڪير به تسليم نه ڪندو. بهرحال ڪجهه به هجي گذريل ستن اٺن مهينن کان ملڪ جو سياسي ماحول اڳي گرم هو، ان گرمي ۾ ڪالهه وارين ٻنهي ڪانفرنسن کانپوءِ جمعي جي ڏينهن عمران خان جو اسلام آباد طرف لانگ مارچ به نڪري چڪو آهي، جنهن سان يقينن هاڻي نه صرف ملڪ ۾ سياسي گرمي پد وڌي ويو آهي، پر لڳي ايئن ٿو ته هاڻي گرمي پد “هيٽ ويوو” يعني “گرمي لڳڻ” تائين پهچي ويو آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن احتياط نه ڪيو ويو ته جانين جو نقصان به ٿي سگهي ٿو، جيڪو ڪنهن به طرح هن ملڪ جي لاءِ بهتر نه هوندو ۽ نه ئي ملڪ ان جي سٽ سهي سگهي ٿو.

[email protected]