ڊي جي آءِ ايس آءِ جو غير معمولي فيصلو

0
137
سنڌ کي اسلام آباد جي وائسراءِ ذريعي ھلائڻ جي سازش

 جنھن ڳالهه جي توقع نه پئي ڪئي وئي آخر ڪار اھا حقيقت جو روپ اختيار ڪري سامھون اچي وئي جنھن جو انديشو گذريل سال آءِ ايس آءِ جي سربراهه تبديلي وقت ٻن وڏن ان وقت جي وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي درميان پيدا ٿيو ھو جنھن جو ڊراپ سين ڇڪتاڻ واري ماحول جي  پڄاڻي تي ليفٽننٽ جنرل فيض حميد کي ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ ليفٽننٽ جنرل نديم انجم کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪرڻ سان  ھڪ تاثر سامھون آيو ته حڪومت توڙي ادارن جي درميان ھم آھنگي پيدا ٿي وئي آهي سڀئي ھڪ پچ تي اچي ويا، ليڪن اھو تاثر راز  وانگر ڳجھو نه رھيو جيڪو پھرين ڏوراپن بعد ۾ نيوٽرل ، جانور ، مير جعفر مير صادق جي لقب سان پڪاريو پئي ويو پر جڏهن صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو ته پوءِ جواب ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه رھيو. ملڪي تاريخ ۾ به پھريون ڀيرو آھي جو آءِ ايس آءِ جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم پاڻ مرادو ميڊيا جي نمائندن سامھون اچي ويو جنھن جي توقع نه پئي ڪئي وئي ڇو ته ماضي ۾ ڪڏهن به آءِ ايس آءِ جو ڪوبه سربراهه ايئن پريس ڪانفرنس ۾ سامھون ناهي آيو،

ٻيو ته موجوده ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرري وقت اھو حڪم جاري ڪري ڇڏيو هو ته ڪنھن به اجلاس ميٽنگ جي ڪوريج ۾ کيس نه ڏيکاريو ۽ نه وري سندس نالو کنيو وڃي بلڪه سندس فيصلي مطابق ته ھو ڪنھن جي به خوشي غمي ۾ عوامي ميڙ ۾ شرڪت بجاءِ نويڪلائي ۾ وڃڻ پسند ڪندو. ليڪن  خميس ڏھاڙي پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ نه صرف موجودگي بلڪه غير معمولي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پي ٽي آئي جي سربراهه عمران خان جي الزامن جو جواب ڏيڻ سان گڏ راز تان پردو ھٽائيندي چيو ته عمران خان وزيراعظم جي حيثيت ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين توسيع جي آڇ ڪئي اھا آڇ ان وقت ڪئي وئي جڏهن فوج جي اداري سياست کان پاڻ کي الڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. جنرل نديم انجم وڌيڪ چيو ته منھنجي پاليسي چٽي آھي اڄ پنھنجي ذات لاءِ نه پر پنھنجي اداري جي لاءِ آيو آھيان ڪوڙ سان فتني ۽ فساد جو خطرو ھجي ته سچ جو چپ رھڻ ٺھي نٿو. آئون پنھنجي اداري ، جوانن ۽ شھيدن جو دفاع ڪرڻ لاءِ سچ ڳالھائيندس ڪنھن کي به مير جعفر مير صادق چوڻ جي مذمت ڪرڻ گھرجي. نيوٽرل ۽ جانور ان لاءِ نه چيو ويو ته اسان ڪا غداري ڪئي آھي پر اھو سڀ ان لاءِ چيو پئي ويو ته اسان غير قانوني ڪم کان انڪار ڪيو ھو ،اھو رڳو آرمي چيف جو نه پر پوري اداري جو فيصلو ھو اسين ڪمزور ٿي سگھون ٿا

پر غدار ۽ سازشي ناھيون. ان موقعي تي پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار پريس ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي چيو ته عمران خان پاران اختيار ڪيل سائفر واري بيانيي ۽ صحافي ارشد شريف جي شھادت جي جڙيل واقعن جي تھه تائين پھچڻ ضروري آهي، قوم کي مايوس نه ڪنداسين. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 11 مارچ تي سائفر جو وزيراعظم عمران خان سان ذڪر ڪيو عمران خان پاڻ چيو ته اھا ڪا وڏي ڳالھه ناهي. سائفر جي حوالي سان ڪجهه حقيقتون عوام جي سامھون آڻڻ چاھيون ٿي پر ان وقت جي حڪومت ايئن نه ڪيو. ھن اھو به سوال اٿاريو ته سلمان اقبال کي پرڏيھه مان گھرائي ارشد شريف جي قتل جي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ڊي جي آءِ ايس آءِ جي غير معمولي پريس ڪانفرنس کان پوءِ ھر باشعور پاڪستاني جي ذھن ۾ ڪيئي سوال پيدا ٿي رھيا آھن ته عمران خان پاران مير جعفر مير صادق ، نيوٽرل ۽ جانور سميت تقريرن ۾ استعمال ڪيل زبان جو جواب پاڪ فوج جو ترجمان به ڏئي سگھي پيو جيڪو مختلف موقعن تي واقعن بابت پھرين به تفصيلي بريفنگ ڏيندو رھيو آھي. جنرل نديم انجم جو پاڻمرادو اچڻ ھڪ نئين روايت سان گڏ نئون بحث شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيئن مان ان حوالي سان مٿي ذڪر ڪري چڪو آھيان ته ماضي ۾ ڪنھن به حوالي سان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس جو مثال نٿو ملي ماضي ۾  سياستدانن توڙي اسٽيبلشمينٽ جي درميان   ۾ ھڪ ٻئي جي خلاف ڪيترن ئي الزامن جي حوالي سان ھتي ذڪر ڪري سگھجي ٿو. نواز شريف کي سپريم ڪورٽ نااھل قرار ڏنو ته جي ٽي روڊ تي ڪنھن ٻئي جي خلاف نه پر جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ٻين جو نالو وٺي مٿن الزام لڳايو ته کيس سازش تحت اقتدار مان ڪڍيو ويو.

مريم نواز جا الزام ڪنھن کان لڪل ناهن ڪجھه ڏينهن پھرين لاھور ۾عاصمه جهانگير سيمينار ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير دوران نعرن جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري جيڪي جواب ڏنو بعد ۾ کيس اھي لفظ واپس وٺڻا پيا ھتي اھو سوال پيدا ٿئي ٿو ته کيس ان تي ڪنھن مجبور ڪيو. بقول شيخ رشيد جي ته ملڪ جو ڪوبه اھڙو سياستدان ناھي جيڪو گيٽ نمبر چار جي پيداوار ناھي رھيو، ھر سياستدان گيٽ نمبر چار مان گذري نڪتو آهي. 1996ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جي خلاف جماعت اسلامي جي امير قاضي حسين احمد فجر جي نماز گيٽ نمبر چار جي اندر پڙھڻ کان پوءِ جلوس جي قيادت ڪئي. بينظير ڀٽو جي ٻه دفعا حڪومت توڙي نواز شريف جي حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان ان وقت جي صدرن 58/2 بي  سان ختم ڪيون. سياستدان پاڻ اسٽيبلشمينٽ سان ويجھڙائپ کي ترجيح ڏيندا رھيا،  تازو اعجاز الحق ھڪ ٽي وي چينل تي انٽرويو۾ چيو ته شھباز شريف ڪار جي ڊگي ۾ آرمي چيف سان ملاقات لاءِ لڪي ملڻ ويندو هو، اھو آھي سياستدانن جو ڪردار جيڪي اقتدار لاءِ ڇا نٿا ڪن بعد ۾ ڪنهن کي اقتدار نصيب ٿيو ڪنھن کي نه ٿيو. نواز شريف لاءِ ته مشهور جملو آھي ته ھو جنرل جيلاني جي ذريعي ڊڪٽيٽر ضياءُ تائين پھتو،بقول چوڌري اعتزاز احسن جي ته اصل ۾نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو ھو ليڪن بعد ۾ 2018ع جي عام چونڊن کان پوءِ مخالف ڌر عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو قرار ڏنو. يعني ڪوبه سياستدان پاڻ کي ان ڳالهه کان آجو قرار نٿو ڏئي سگهي .

2014ع ۾ جڏهن عمران خان ۽ طاهرالقادري نواز حڪومت جي خلاف ريڊزون ۾ پارليامينٽ هائوس جي آڏو ڌرڻو ھنيو ھو ته ان وقت آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل ظهير اسلام تي سھولت ڪار جو الزام لڳايو ويو پر ھو ميڊيا جي نمائندن آڏو نه آيو. ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جنھن وقت آءِ ايس آءِ جو سربراهه ھو ان جي مٿان سڌي اڻ سڌي طرح عمران حڪومت کي سھارو ڏيڻ بلڪه سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ کي ناڪام بنائڻ ۽ کيس ٻيھر چيئرمين جي چونڊ ۾ ڪامياب ڪرائڻ جي حوالي سان به ھر ڪنھن جي زبان تي ذڪر ٿيندو رھيو جنھن جو جواب ڪڏهن به ايئن اچي نه ڏنو، باقي جيستائين صحافي ارشد شريف جي شھادت جي حوالي سان تحقيقات جو تعلق آهي ته حڪومت به انھن ادارن کان جاچ ڪرائيندي ۽ صحافين جو مطالبو پنھنجي جاءِ تي ھر پاڪستاني جو نه صرف مطالبو بلڪه ھر ڪو چاھي ٿو ته قاتلن کي بي نقاب ڪرڻ سان گڏ ان ڳالهه جو اندازو لڳايو ته ملڪ جي اندر اھي ڪھڙا ڪردار ھئا جن ارشد شريف تي غداري جا ڪيس داخل ڪرايا جيڪڏهن حڪومت يا ادارا اتي پھچي ويا ته پوءِ قاتل لڪي نٿا سگهن. باقي ماضي ۾ ڪيئي صحافي ذميواريون ڏيندي شھيد ٿي ويا جن جي قاتلن جو پتو نه پيو جيڪڏهن پتو لڳايو ويو ته ان کي راڄوڻي فيصلن وانگر ختم ڪري ڇڏيو. باقي جيستائين گھرو وزير رانا ثناءُالله جي بيان جو تعلق آهي ته ارشد شريف جي قتل جا پيرا سراسري طور تي عمران خان ۽ سلمان اقبال ڏانهن ٿا وڃن ته پوءِ سندس ھٿ ڪنھن ٻڌي ڇڏيا آهن صرف سياسي بيان ڏيڻ سان سندس ذميواري پوري نٿي ٿئي. ھتي اھو ذڪر ڪرڻ مناسب آھي ته 75 سالن ۾ ملڪ جي اندر وڏا سانحا پيش اچي چڪا آهن جن ۾ لياقت علي ، محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت شامل آهي جن جي شھادتن کي ختم ڪيو ويو ته جيئن ثبوت ھٿ نه اچي سگھن بلوچن سنڌين کي گم ڪيو ويو ان جي پويان ڪھڙا ڪردار ھئا ۽آھن جن جو سپريم ڪورٽ سميت ڪوبه حڪمران تعين نه ڪري سگهيو آهي ته آخر ڪھڙا لڪل ھٿ آھن جيڪي کين نظر نه پيا اچن ۽ اھي ھر دفعي بچي نڪري ٿا وڃن.