اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت هارين لاءِ قرض تي وياج معاف ڪندي 600 ارب جي زرعي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته هارين کي 1800 ارب جا قرض ڏنا ويندا، وزيراعظم ٻوڏ متاثر هارين مٿان قرض تي چڙهيل وياج معاف ڪرڻ ۽ نوجوانن کي زرعي شعبي ۾ روزگار ڪرڻ لاءِ 50 ارب رپين جي ماليت جا قرض ڏيڻ به اعلان ڪيو،، ڊي اي پي جي في ٻوري جي قيمت ۾ 2500 رپيا گهٽتائي جو به اعلان، ڪالهه اسلام آباد ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار، فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير طارق بشير چيما، گهرو مامرن جي وزير رانا ثناءُ الله، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي جو 100 سيڪڙو دارومدار زرعي ترقي تي آهي، ٻوڏ ملڪ ۾ تباهي مچائي آهي، 40 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ کجي جي تيار فصل جو نالو نشان ئي مٽجي ويو، ڪپهه، چانور ۽ ڪمند جي فصلن جو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان جي معيشت کي تيزي سان اڳتي رڳو زرعي معيشت وڌائي سگهي ٿي، زراعت اهڙو شعبو آهي جيڪو 6 مهينن ۾ معيشت کي ٽرانسفارم ڪري سگهي ٿو، گڏيل اتحادي حڪومت ڪيترن ئي هفتن جي مشاورت کان پوءِ فيصلا ڪيا آهن، جن جو اعلان ڪريان ٿو، وزيراعظم هارين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته پيڪيج تحت هارين کي 1800 ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا، فراهم ٿيندڙ قرضن جي رقم گذريل سال جي مقابلي ۾ 400 ارب رپيا وڌيڪ آهي، ڄاڻون ٿا ته ناڻي وزير ڏنڊو هٿ ۾ کڻي وٺندو آهي، بينڪن جي عادت آهي ته اهي محفوظ سرمائيڪاري ڪنديون آهن، ننڍن هارين ۽ ڪاروباري ماڻهن کي اهي پڇنديون ئي ناهن، اسان جي مالياتي نظام ۾ اها سڀ کان وڏي بيماري آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جيڪي ننڍا هاري آهن انهن جي ورتل قرضن تي وياج جي رقم کي معاف ڪري رهيا آهيون، ان لاءِ 10 ارب 60 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، وفاق ۽ ننڍا صوبا گڏجي ٻوڏ متاثر ننڍن هارين کي 8 ارب 20 ڪروڙ رپيا ٻوڏ متاثر علائقن جي ننڍن هارين کي فراهم ڪندا، ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ ٻوڏ متاثر علائقن جي نوجوانن کي پهريون ڀيرو زرعي شعبي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي بيروزگار نوجوان اگر زرعي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ چاهيندا ته کين قرض ملندا، ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ بيروزگار نوجوانن کي 50 ارب رپين جي ماليت جا قرض ڏينداسين، ان حوالي سان وفاقي حڪومت 6 ارب 40 ڪروڙ رپيا وياج جي مد ۾ سبسڊي فراهم ڪندي ته جيئن نوجوانن کي سستا قرض ملي سگهن، هن چيو ته في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ ۾ ڊي اي پي جو اهم ڪردار آهي، ڊي اي پي ٺاهڻ لاءِ ڀاڻ فيڪٽرين کي حڪومت سستي گيس فراهم ڪندي آهي، اسان ڪوششون ڪري ڊي اي پي جي في ٻوري جي قيمت ۾ 2500 رپيا قيمت گهٽ ڪرائي آهي، جنهن کان پوءِ ڊي اي پي جي في ٻوري جي قيمت 11250 رپين تي آندي وئي آهي، جنهن سان هارين کي فائدو ٿيندو، ان حوالي سان لڳ ڀڳ 58 ارب رپين جو هارين کي فائدو ٿيندو، حڪومت 5 لک ٽن يوريا امپورٽ ڪرڻ جو بندوبست ڪيو آهي، 2 لک ٽن امپورٽ ڪري چڪا آهيون، يوريا تي حڪومت سبسڊي ڏيڻ لاءِ 30 ارب رپيا رکيا آهن، ٻوڏ متاثر علائقن ڪڻڪ جي تصديق ٿيل ٻج جون 12 لک ٻوريون فراهم ڪنداسين، تصديق ٿيل ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي ۾ ايندڙ خرچ 50 سيڪڙو وفاق ۽ 50 سيڪڙو صوبا ادا ڪندا، جنهن لاءِ 13 ارب 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بي زمين هارين کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ائين سمال ۽ ميڊيم انٽرپرائيزز به معيشت لاءِ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي، هن پيڪيج ۾ انهن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جن لاءِ 10 ارب رپيا رکيا آهن،  ايس ايم ايز کي به ڪوئي گاهه نه ٿو وجهي، ناڻي وزير کي چوان ٿو ته ڏنڊو کڻي، هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي تي هلندڙ 3 لک ٽيوب ويل آهن، انهن کي سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ بنا وياج جي قرض فراهم ڪنداسين، اسان هارين لاءِ فڪس 13 رپيا في يونٽ بجلي جي لاڳت ۾ بجلي فراهم ڪنداسين، ان لاءِ اضافي 43 ارب رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، زرعي پيداوار اگر نه وڌائي ته مختلف شيون امپورٽ ڪرڻ ۾ اربين ڊالر لڳي ويندا، مجموعي طور تي هي هارين جو پيڪيج 600 ارب رپين کان به وڌيڪ رقم جو آهي، ان کان شاندار پيڪيج ڪو ٻيو نه پئي ٿي سگهيو، ان پيڪيج سان زراعت 4 کان 6 مهينن ۾ ايتري تواني ٿيندي جو معيشت کي به بيپناهه هٿي ملندي، جنهن سان ايڪسپورٽ ۾ به اضافو ٿيندو، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي مهانگائي اسان جي اختيار ۾ نه آهي، ان پيڪيج تي عمل ٿيو ته امپورٽ گهٽ ٿيندي، جنهن سان مهانگائي جي شرح به هيٺ ايندي، وفاق چاهيندو ته شگر ملون جلد کان جلد ڪريشنگ شروع ڪن، قانون جو اطلاق ڪرڻ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي، بلين ٽري منصوبي تحت اگر وڻ لڳن ها ته ايتري تيزي سان موسمي تبديلي نه اچي ها، وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جو ڪو مسئلو پيدا نه ٿيندو، فيصلو ڪيو آهي ته وڌيڪ 16 لک ٽن ڪڻڪ پرڏيهه مان امپورٽ ڪنداسين، جنهن جو مطلب ڪل 26 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪئي ويندي، 10 لک ٽن ڪڻڪ ملڪ ۾ اچي چڪي آهي، 16 لک ٽن ڪڻڪ وڌيڪ گهرائي پئي وڃي، صوبا جڏهن چاهيندا انهن کي ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ملڪ اندر ٽريڪٽر ٺاهيندڙ مينوفيڪچررز پاران ٽريڪٽرن جون قيمتون گهٽ ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيڻ جو انڪشاف ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٽريڪٽرز مينوفيڪچرز جي هڪ هٽي آهي، ملڪ ۾ ٽريڪٽر امپورٽ نه ٿا ڪري سگهون، اسان ٽريڪٽر مينوفيڪچررن کان قيمت گهٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن صاف جواب ڏنو مجبور ٿي پرڏيهه مان 5 سالن تائين استعمال ٿيل ٽريڪٽر امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي رهيا آهيون، جيڪي 5 سال پراڻا ٽريڪٽر امپورٽ ڪيا ويندا، انهن تي ڊيوٽي ۾ 50 سيڪڙو رعايت به ڏني ويندي، هن چيو ته جيڪڏهن ٽريڪٽرز مينوفيڪچرنگ ۾ ڪو نئون سرمائيڪار ايندو ته اسان ان کي پارٽس کي امپورت ڪرڻ جي مد ۾ ڊيوٽي 15 کان 35 سيڪڙو گهٽ ڪنداسين.هڪ سوال جو جواب ڏيندي ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو ته هارين لاءِ جيڪو پيڪيج اعلان ڪيو ويو آهي ان لاءِ گهڻي قدر رقم منظور ٿيل بجيٽ ۾ موجود  آهي ان ڪري آءِ ايم ايف سان اين پيڪيج سبب ڪو مسئلو پيدا نه ٿيندو، اهو پيڪيج ملڪ ۽ قوم لاءِ تمام ضروري هو.