حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ پاران پوليس کي سول لائين واري علائقي مان اڍائي مهينا  اڳ پراسرار نموني گم ٿيل بئنڪ عملدار جي هٿ آيل موبائيل فون جي ڊيٽا ۽ واهه مان مليل لاوارث لاش جي ڊي اين اي رپورٽ ٻن هفتن ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم. سول لائين واري علائقي سان تعلق رکندڙ مسمات نادرا ٽالپر جي درخواست تي ٻڌڻي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس عدنان اقبال چوڌري تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران ڊي ايس پي حالي روڊ مير لياقت علي ٽالپر، ايس ايچ او مڪي شاهه قربان عاقلاڻي سميت ٻيا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت پوليس عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڊي اين اي رپورٽ ۽ موبائيل فون جي ڊيٽا اڃا تائين ڇو نه سامهون آندي آهي. پوليس عملدارن عدالت کي آگاهي ڏني ته موبائيل فون پاڻي مان مليو هو ان ڪري ٻيهر نٿو کلي جڏهن ته واهه مان هٿ آيل لاوارث لاش جي ڊي اين اي رپورٽ ڪجهه ڏينهن اندر فراهم ٿيندي جيڪا هو عدالت ۾ پيش ڪندا. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد پوليس کي حڪم ڏنو ته ٻن هفتن بعد موبائيل فون جي ڊيٽا ۽ لاوارث لاش جي ڊي اين اي رپورٽ عدالت ۾ فراهم ڪئي وڃي.