راولپنڊي (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ سيڪيورٽي  فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر ) موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا.