سکر (بيورو رپورٽ) پنوعاقل جي رھواسي عورتن ۽ ٻارڙن ڦر ڪيل مينهن جا ڦر ساڻ وٺي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر آفيسن آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.  مظاھرين مينھن جا ڦر گاڏيءَ ۾ کڻائي سکر پهتا هئا. پنوعاقل جي ڳوٺ مٺو انڍڙ جي رھواسين جلال بخش انڍڙ، لال بخش، مسمات سعيدان ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته چاچڙ ڌر جا هٿياربند غلام سرور، ڄام چاچڙ، يوسف ۽ ٻيا سندن 13 مينھون ڦر ڪري ويا آهن. حد جي گدپور ٿاڻي تي اطلاع ڏنو پر پوليس ڪو به تدارڪ ناھي ڪيو. ھنن الزام مڙھيندي چيو ته ايس ايڇ او علي بخش شر بااثرن کان رشوت وٺي سندن خلاف ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار ناهي. مظاھرين مطالبو ڪيو ته ڦورن خلاف سخت ڪارروائي ڪري سندن چوري ڪيل مينهون فوري طور واپس ڪرايون وڃن. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ مظاھرين سان ڳالھيون ڪري کين خاطري ڪرائي ته ساڻن انصاف ڪيو ويندو. ان بعد مظاهرين واپس روانا ٿي ويا.