لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ناصر آفتاب شڪارپور ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾5 انساني جانيون ضايع ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور کي هدايت ڪئي آهي ته ڌرين ۾ جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرائي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.