ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ تعليم کاتو ڀرتي ڪيل 54722 پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽي کي پگهارن ڏيارڻ ۾ ناڪام، مختلف ضلعن جي ڊي اي اوز پاران 33153 اميدوارن جي جوائنگ ڊيٽا بيس کاتي جي اختيارين وٽ جمع ئي نه ڪرائي وئي تعليم کاتي 21 مان رڳو 15 هزار اميدوارن جي ڊيٽا بيس جي اسڪروٽني ڪري پگھارون جاري ڪرڻ لاءِ اي جي سنڌ ڏانهن اماڻي ڇڏي،  ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  تعليم کاتي جي ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن ( ڊي اي اوز) پاران آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ڪيل 54722 پي ايس  ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز مان رڳو 21 هزار استادن جي ڊيٽا بيس جمع ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته  33153 استادن جي ڊيٽا بيس اڃا تائين پوئتي رهيل آهي، تعليم کاتي پاران وري رڳو 15 هزار استادن جو ڊيٽا بيس اسڪروٽني مڪمل ڪري اي جي سنڌ ڏانهن اماڻيو ويو ، اهڙي صورتحال سبب تازو ڀرتي ٿيل 40 هزار استاد اڃا تائين پگھارن واري مرحلي ۾ ئي داخل نه ٿي سگھيا آهن، تعيلم کاتي جي ذريعن موجب  ڪراچي ڊويزن جي 4918، بدين ضلعي جي 1186، دادو جي 2223، حيدرآباد  جي 743، ڄامشوري جي 538، مٽياري جي 908، سجاول جي 360، ٽنڊي الهيار جي 89، ٽنڊي محمد خان جي 549، ٺٽي جي 376،  جيڪب آباد جي 468، قمبر جي 355، ڪشمور جي 344، لاڙڪاڻي جي 759، شڪارپور جي 504، ميرپورخاص جي 777، ٿرپارڪر جي 1327، عمرڪوٽ جي 715، نوشهري فيروز جي 1427، سانگھڙ جي 2411، شهيدبينظيرآباد جي 1842، گھوٽڪي جي 847، خيرپور جي ، 1729 ۽ سکر ضلعي جي 789 پي ايس ٽيز جي لاڳاپيل ڊي اِي اوز پاران ڊيٽا بيس تعليم کاتي حوالي ناهي ڪئي وئي، واضح رهي ته 30 ضلعن ۾ 38349 پي ايس ٽيز ڀرتي ٿيا هئا، جن مان ڊي اِي اوز پاران رڳو 13922 اميدوارن جي ڊيٽا بيس اماڻي وئي آهي، ساڳئي ريت  جي ايس ٽيز جي حوالي سان  ڪراچي ڊويزن جي 4553، بدين جي 137، دادو جي 297، حيدرآباد جي 142، ڄامشوري جي 20، مٽياري جي 84، سجاول جي 6، ٽنڊي الهيار جي 388، ٽنڊي محمد خان جي 21، ٺٽي جي 237، جيڪب آباد جي 293، قمبر جي 63، ڪشمور جي 261، لاڙڪاڻي جي 185، شڪارپور جي 664، ميرپورخاص جي 40، ٿرپارڪر جي 130، عمرڪوٽ جي 453، نوشهروفيروز جي 93، سانگھڙ جي 795، شهيد بينظيرآباد جي 126، گھوٽڪي جي 435، خيرپور جي 1033 ۽ سکر جي 243 جي ايس ٽيز جي ڊيٽا بيس اختيارين ڏانهن  اماڻي نه وئي آهي، جنهن ڪري 30 ضلعن جا 8726 جي اي اِيس ٽيز پگھارن کان محروم بڻيل آهن.