لاهور(اسپورٽس نيوز) ڊيوڊ وارنر پي ايس ايل ۾ شرڪت جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. راشد خان لاهور قلندرز جي ڪاميابيءَ جو جشن ملهائيندي سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته ڇا شاندار راند هئي، ڀرپور سپورٽ ڪندڙ ڪرائونڊ جو ٿورائتو آهيان، ڊيوڊ وارنر جواب ڏنو ته مان ڪڏهن پي ايس ايل کيڏي سگهندس. ياد رهي ته گذريل سال به پاڪستان جي دوري دوران به ڊيوڊ وارنر چيو هو ته پي ايس ايل ۾ شرڪت ڪرڻ چاهيان ٿو پر انٽرنيشنل مصروفيتون رنڊڪ بڻجي وينديون آهن.