ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جي بيٽنگ جا ته تقريبن سڀ ئي مداح آهن ۽ گرائونڊ ۾ کيڏيل هن جا سمورا شاٽس کي به گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي. بابراعظم جي بيٽنگ جي ڪيترن ئي موقعن تي پرڏيهي رانديگرن ۽ ڪنٽيٽر به تعريف ڪري چڪا آهن. هن ڀيري ڏکڻ آفريڪا جي جارحاڻي انداز ۾ بيٽنگ ڪندڙ بيٽر ڊيوڊ ملر بابراعظم جي بيٽنگ جي تعريف ڪئي آهي. ڊيوڊ ملر نه صرف بابراعظم جي شاٽ جي تعريف ڪئي بلڪ هن کي ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي مٿان ترجيح به ڏني آهي. ڊيوڊ ملر کان ويرات ڪوهلي ۽ بابراعظم مان ڪنهن هڪ جي ڪور ڊرائيو شاٽ جي چونڊ ڪرڻ لاءِ چيو ويو جنهن تي هن جواب ۾ بابراعظم جي چونڊ ڪئي. ڏکڻ آفريڪي رانديگر کان پڇا ڪئي وئي ته اوهان پاڪستان کي هارائڻ چاهيندا يا ڀارت کي ته هن چيو ته ڀارت کي هارائڻ چاهيندو.