ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڊينگي  ڪيسن تي ضابطو نه آيو، صوبي ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ ڊينگي جا 13 ۽ لاڙڪاڻي ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان صحت کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ مهيني دوران صوبي ۾ ڊينگي ڪيسن جو انگ 194 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته هلندڙ سال دوران مجموعي طور تي 754 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. واضح رهي ته ڊينگي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ باوجود  سرڪار پاران مڇر مار اسپري نه ڪرايو ويو آهي، سانوڻي جي برساتن بعد ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ جو  خدشو آهي.