سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ حڪومت جي نااھلي، سکر ڊويزن ۽ ڀروارن ضلعن ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباھيءَ سان گڏ ڊينگي، مليريا، گيسٽرو ۽ چمڙيءَ جي مرضن ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو ٿي ويو، سکر سول اسپتال توڙي پرائيويٽ ڪلينڪون مريضن سان سٿجي ويون، جي ايم سي اسپتال ۾ ھڪ بيڊ تي 2 کان 4 ٻار داخل. برسات متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سھولت نه ھجڻ ۽ مڇر مار اسپري نه ٿيڻ سبب سکر، خيرپور، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ ڊينگي، مليريا، گيسٽرو ۽ چمڙيءَ جو مرضن ۾ غيرمعمولي اضافو ٿي ويو آهي. وڏي وزير جي ھدايتن تي صحت کاتي جي ھڪ ٽيم سکر سول اسپتال جو دورو ڪيو. تفصيل موجب سنڌ حڪومت توڙي لاڳاپيل ضلعي انتظاميا جي لاپرواھيءَ سبب ٻوڏ ۽ برسات جي تباهي بعد متاثرن ۾ وچڙندڙ بيماريون ڦھلجي ويون. هڪ مهيني کان پوءِ به پاڻي نيڪال نه ٿيڻ، متاثرن کي پيئڻ جو صاف نه ملڻ، ۽ مڇر مار اسپري نه ٿيڻ ڪري مليريا، گيسٽرو، ڊينگي ۽ چمڙيءَ جي بيمارين ۾ڳڻتي جوڳو اضافو ٿي ويو. نتيجي ۾ سرڪاري توڙي نجي اسپتالون مريضن سان سٿجي ويون آھن. مريضن جي انگ ۾ غيرمعمولي اضافي بعد اسپتالن ۾ بسترن جي کوٽ سبب غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج ٽيچنگ اسپتال ۾ مليريا، گيسٽرو، ڊائريا جي وارڊن ۾ ھڪ بيڊ تي 2 کان 4 ٻارڙا علاج لاءِ داخل ڪيا ويا آھن. جڏھن ته خيرپور، گھوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن سان تعلق رکندڙ ماڻھو پڻ مريضن جو علاج ڪرائڻ لاءِ سکر پھتل آھن. اسپتال ۾ مريض داخل ڪرڻ جي گنجائش نه ھجڻ سبب ڏورانھن علائقن کان ڪرايا ڀاڙا ڪري پھتل مريض توڙي سندن وارثن کي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. سول اسپتال سکر ۾ داخل مريضن جي والدين ۽ وارثن دانهيندي ٻڌايو ته ھو سخت تڪليفن مان گذري ھِتي پھتا آھن، مشڪل سان داخلا ملي آھي، اِھو به ھڪ بيڊ تي 2، 2 ٻار داخل ڪيا ويا آھن. برسات ۽ ٻوڏ سبب  اسان جو سڀ ڪجھه تباھ ٿي ويو آھي، مٿان وري بيماريون ڦھلجي ويون آھن، قرض وٺي ڪرايا ڀاڙا ڪري ٻچڙن جو علاج ڪرائڻ تي مجبور آھيون، حڪومت طرفان ڪا به واھر نٿي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي وڏي وزير جي ھدايتن تي نيوٽريشن پروگرام سنڌ جي انچارج ڊاڪٽر صاحب جان بدر، پي پي ايچ آءِ جي ڊاڪٽر سجاد شفيق تي مشتمل ھڪ ٽيم پڻ سول اسپتال سکر جو دورو ڪيو ۽ مريضن کي پيش ايندڙ مسئلن بابت ڄاڻ ورتي. سول اسپتال سکر جي ايم ايس ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته برساتن کان اڳ سول اسپتال جي او پي ڊي اڍائي کان 3 ھزار هوندي ھئي، جيڪا ھاڻي وڌي 6 کان 7 ھزار تي پهتي آھي. سکر سميت مختلف ضلعن کان گيسٽرو، مليريا ۽ چمڙيءَ جي بيماريءَ جا تمام گھڻا ڪيس اچي رھيا آھن. وڏي انگ ۾ مريض اچڻ سبب داخلا جي گنجائش ئي ختم ٿي وئي آھي، ھاڻي ته ڊينگي جي مرض ۾ به اضافو ٿي رھيو آھي. ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي مطابق ڊينگيءَ جي مرض ۾ پڻ اضافو ٿي رھيو آھي. ڪالھه ھڪڙي ڏينھن 9 ڪيس پازيٽوَ آيا آھن.