ڊيل وارا ڪي ٻيا هوندا، نيب کان حساب ڪتاب ٿيندو: مراد علي شاهه

0
231

اسلام آباد: سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊيل ڪرڻ وارا ڪي ٻيا هوندا، اسان ناهيون، نيب کان به حساب ڪتاب ٿيندو، ڪنهن هڪ شخص جي مرضيءَ سان چونڊون نه ٿينديون، اسيمبليز جو مُدو آگسٽ 2023ع تائين آهي

احتساب عدالت اسلام آباد ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته عمران خان ڪنهن به کاتي ۾ ناهي، کيس ڪُرسي جو ايترو شوق آهي ته پنجاب جو وڏو وزير بڻجي وڃي

هن چيو ته ماڻهو چون ٿا ته مراد علي شاهه ڊيل ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪيس ڪراچي منتقل ٿيو آهي، مان اڄ به اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان

مراد علي شاهه چيو ته اسان اُن ئي منصوبي جي ڪيس ۾ پيشيون پيا ڀوڳيون جيڪو عوام جي مفاد ۾ هو، نوري آباد پاور پلانٽ منصوبو بجلي جو سڀ کان سستو منصوبو آهي، عدالت کي درخواست آهي ته ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن