لنڊن:فيس بڪ جي ملڪيٽ ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ ڊيسڪ ٽاپ صارفين لاءِ وڏي خوشخبري جو اعلان ڪيو آهي.واٽس ايپ جي سرگرمين تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ ويب بيٽا انفو پاران ٽوئيٽ ڪيو ويو آهي ته هاڻ سمورن صارفين لاءِ ڊيسڪ ٽاپ تي به واٽس ايپ وائس اوور ۽ وڊيو ڪال موجود آهي.صارفين کي واٽس ايپ جي ڊيسڪ ٽاپ ويزن بابت نئين فيچر کان آگاهه ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ پاران اسٽيٽس اپ ڊيٽ جاري ڪيو پيو وڃي.