باھو کوسو (ن پ ا) بلوچستان جي علائقي ڊيرامراد جمالي جي ريلوي اسٽيشن محلي ۾ گھر جي بجلي ٺاھيندي  تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب عبدالفتاح بنگلزئي فوت ٿي ويو، جڏھن ته موٽر جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب محمد انور دايو فوت ٿي ويو، نوجوانن جا جنازا کڄڻ مھل ڪھرام مچي ويو. پوليس موجب ريلوي اسٽيشن محلي ۾ بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري عبدالفتاح بنگلزئي ۽ محمد انور دايو فوت ٿي ويا آھن ٻئي واقعا اتفاقي آھن.