باھو کوسو (ن پ ا) بلوچستان جي علائقي ڊيراالھيار جي قيدي شاخ وٽ موٽر سائيڪل ڦري فرار ٿيندڙ ھٿياربندن مندراڻي پوليس پڪٽ تي فائرنگ ڪئي.پوليس اھلڪار مور خان بھراڻي  ٿڏي تي شھيد ٿي ويو، جڏھن ته سپاھي بابل ڪنڊراڻي سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال نيندي فوت ٿي ويو. ھٿياربندن شھيد اھلڪار مور خان بھراڻي جي سرڪاري ڪلاشنڪوف به پاڻ سان کڻي  ويا.پوليس پڪٽ تي حملي ۽ اھلڪار شھيد ٿيڻ جي اطلاع تي ايس ايس پي جعفرآباد محمد جواد طارق، ايس ايچ او ڊيراالھيار عبدالروف جمالي پوليس نفري سميت واقعي واري ھنڌ پھتو ۽ شھيد اھلڪارن جا لاش کڻائي سول اسپتال ڊيراالھيار پھچايا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش ايمبولينسن تي شھيدن جي گھرن ڏانھن روانا ڪيا ويا. ايس ايچ او ڊيراالھيار صحافين کي ٻڌايو ته ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 5 اڻڄاتل ھٿياربند ڦورن واٽھڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪئي فرار ٿي رھيا ھئا ته مندراڻي پوليس پڪٽ تي موجود اھلڪارن کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري حوالدار ۽ سپاھي کي شھيد ڪيو ۽ سرڪاري ڪلاشنڪوف کڻي سنڌ جي شھر جيڪب آباد جي جاڳير واري علائقي ڏانھن فرار ٿي ويا. ايس ايچ او موجب ته شھيد ٿي ويل حوالدار مور خان بھراڻي جولائي مھيني ۾ رٽائر ٿيڻو ھو پر ريٽائرمنٽ کان اڳ کيس شھادت نصيب ٿي آھي، شھيد اھلڪارن جا مڙھ شھيد رحيم بخش مري پوليس لائن آندا ويا، جتي شھيد اھلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي نصيرآباد عبدالحئي عامر بلوچ، ايس ايس پي جعفرآباد محمد جواد طارق، ڊپٽي ڪمشنر جعفرآباد رزاق خان خجڪ، پوليس آفيسرن، شھرين توڙي شھيدن جي وارثن ۽ مائٽن شرڪت ڪئي.  شھيدن جا وارث، پاڙيسري ۽ دوست لاشن تي روئيندا رھيا ٻنھي شھيدن کي سرڪاري اعزاز سان ڊيراالھيار جي مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ھوڏانھن بلوچستان پوليس جيڪب آباد  جي جاڳير واري علائقي ۾ آپريشن ڪري 12 شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪري 5 گھرن کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو.