لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو آهي ته ڊوميسٽڪ ۾ پرفارم ڪندڙ نظرنداز نه ڪيا ويندا ۽ جيڪي رانديگر به سليڪٽ ٿيا اُهي ڊوميسٽڪ جي پرفارمنس تي ٿيا آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو ته ٽي ٽوئنٽي جي تقاضن موجب رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي، انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جا دورا اهم آهن پر اسان کي اڳتي به ڏسڻو آهي، ممڪن آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ امارات ۾ ٿئي. هن چيو ته غير معمولي حالتن جي ڪري اسان کي اسڪواڊ جو اعلان به ڪرڻو پيو جڏهن ته آئيڊيل ته اِهو هو ته پي ايس ايل جا ميچ ڏس اعلان ڪيون ها پر لاجسٽڪ ايشوز جي ڪري اسان کي ٽيم جو اڳ ۾ ئي اعلان ڪرڻو پيو.