لاهور (بيورو رپورٽ)اين اي 75 ڊسڪه تي ٻيهر ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري، نواز ليگ اُميدوار نوشين افتخار طرفان ڪجهه پرزائيڊنگ آفيسرز جي رويي تي خدشن جو اظهار، رٽرننگ آفيسر سمورن پرزائيڊنگ آفيسرز کي منصفاڻو ۽ ذميواراڻو رويو اختيار ڪرڻ جي هدايت، اين اي 75 ڊسڪه جي آر او جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي مانيٽرنگ ٽيم چونڊ عمل جي نگراني ڪري رهي آهي، پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج پولنگ اسٽيشن تي عثمان ڊار جي دوري دوران پي ٽي آءِ ۽ ليگي ڪارڪن آمهون سامهون، ڪارڪنن جي هڪٻئي خلاف نعريبازي، عثمان ڊار چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله ۽ سندس حامين جي ڊسڪه ۾ داخلا تي پابندي آهي، اڄ نه گولي هلندي ۽ نه رت وهندو، پولنگ دوران ڊسڪه ۾ 4 هزار کان وڌيڪ پوليس ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ رينجرز اهلڪار سيڪيورٽي لاءِ مقرر.