اسلام آباد (م ڊ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته بلاول ۽ مريم کي پاڪستان جو ليڊر تسليم ڪرڻ جمهوريت جي منهن تي چماٽ هڻڻ هوندو. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته نواز شريف جو ڪو ذاتي نظريو ناهي نه ئي نواز ليگ ڪا نظرياتي پارٽي آهي، هڪ ڊگهو عرصو اقتدار ۾ رهڻ سبب مفاداتي ٽولو بڻجي ويندو آهي، انهن کي نظرياتي نٿو چئي سگهجي، ڊسڪا ۾ نواز ليگ ناهي کٽي پر پي ٽي آءِ هارائي آهي ۽ ان جا ڪارڻ آهن، جن ڏانهن پارٽي اندر ڌيان ڏياريندو رهيو آهيان. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي اميد عمران خان آهي، ان جي ڀيٽ ۾ ڪو سياسي قد ڪاٺ جو ليڊر ناهي، بلاول ۽ مريم کي پاڪستان جو ليڊر تسليم ڪرڻ جمهوريت جي منهن تي چماٽ هڻڻ هوندو، پي ٽي آءِ کي پنهنجون صفون درست ڪرڻيون پونديون، هن ملڪ جو مستقبل پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي ڪاميابي سان سلهاڙيل آهي.