ڊسڪا: ڊسڪا ۾ ملڪي سياست جا سمورا روايتي رنگ نروار رهيا، پولنگ اسٽيشنز تي ڪارڪن موجود رهيا، ووٽرز کي آڻڻ ۽ ڇڏي اچڻ جو سلسلو به هلندڙ رهيو، ماڻهو چانهه، ناشتو به ڪندا رهيا، پولنگ عملي لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪيو ويو، جڏهن ته جوشيلي ڪارڪنن ۾ ٽڪراءِ به ٿيو، عثمان ڊار جي دوري وقت پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج پولنگ اسٽيشنز تي نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن نعريبازي ڪئي، چونڊ تڪ جي دوري جي موقعي تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ليگي ايم پي اي ذيشان رفيق جو گهيراءُ ڪري ورتو، جڏهن ته قلعه ڪالر والا ۾ جعلي ووٽ وجهڻ جي ڪوشش تي هڪ شخص کي حراست ۾ ورتو ويو، مندر والا ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، فائرنگ ڪندڙ 5 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، سندس خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ اميدوار اسجد ملهئي پاڻ کي به ووٽ نه ڏنو