ڊسڪا جو چسڪو

0
446

ڊسڪا ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ تي ن ليگي اميدوار جي ڪاميابي بعد مريم هجي يا ٻيا اڳواڻ خوشي ۾ ماپن ئي نه ٿا، پارٽي ۾ موجود خوشامدي اڳواڻ ان ڪاميابي کي نواز شريف جي بيانيي سان جوڙي رهيا آهن، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ عوام کي نواز شريف جو بيانيو سمجهه ۾ اچي وڃي ته هتي صورتحال اڳ ئي تبديل ٿي وڃي ها ۽ سرپرستي ۾ وزيراعظم مقرر ٿيندڙ يا سياسي اڳواڻ بڻجڻ وارا نه هجن ها، لنڊن ۾ ويهي بيان ڏيڻ يا جاري ڪرڻ سان هن ملڪ ۾ ايندڙ ڪيئي سالن تائين ڪا تبديلي نه ايندي، ان جي ذميواري سياستدانن تي ئي لاڳو ٿئي ٿي، هتي ماڻهو پنهنجي غربت جي ڪري ڌونس ڌمڪي کانسواءِ مذهبي تفريق، لساني تعصب، چمڪ دمڪ ۽ نعرن کي ڏسي ڪري ووٽ ڏيندا آهن، مريم جا تز ۽ تيز ڌمڪي وارا بيان، ان جي ڳالهائڻ جو انداز، ان جو رهڻ وارو شاهاڻو انداز ماڻهن کي متاثر ڪري ٿو، اسان جا ماڻهو ايترا معصوم هوندا آهن جو وڏي گاڏي، ان ۾ سوار شخص جي ويجهو وڃڻ کان لهرائيندا آهن، سنڌ ۾ 2010ع ۾ ٻوڏ آئي هئي عوام جو وڏو انگ سخت متاثر هو، بدين ۾ هڪ سياسي اڳواڻ امتياز شيخ ڊپٽي ڪمشنر سان جيڪو اڄ ڪلهه چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه آهي ملاقات لاءِ هو پنهنجي وڏي چمڪدار گاڏي ۾ آيو، ان جي لباس وغيره جي ڪري ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ٻاهران وڏي انگ ۾ ماڻهو پنهنجن مسئلن جي داد رسي لاءِ بيٺل هئا ڪنهن ۾ همٿ نه ٿي ته امتياز شيخ جي ويجهو وڃي ڪري ساڻس ڳالهائي سگهن، اڳواڻن جو قد ڪاٺ، جسماني انداز آڪڙ ۽ انهن سان گڏ هٿيارن سان باڊي گارڊن کي ڏسي ڪري ماڻهو ڊڄي ويندا آهن ماڻهو انهن کي ڪا اهڙي مخلوق سمجهندا آهن جن کي انهن تي حڪمراني لاءِ ئي پيدا ڪيو ويو هجي، ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته ماڻهن کي تعليم کان پري رکيو ويو آهي، سنڌ ۾ ته جنهن اهليت جا استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن انهن جو جيڪڏهن اڄ به امتحان ورتو وڃي ته هو ناڪام ٿي ويندا، عوام ۽ ان جي ٻارن کي ڄاڻي واڻي اسڪولن کان پري رکيو ويو آهي، اهي ئي ماڻهو مريم يا بلاول کي به پاڻ کان مختلف مخلوق تصور ڪندا آهن، ن ليگي اميدوار ۽ پي ٽي آءِ اميدوار وچ ۾ ووٽن جو فرق 19 هزار آهي، ن ليگ جي سيد افتخار حسين 2018ع جي چونڊن ۾ هڪ لک کان ڪجهه وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا هئا، پي ٽي آءِ اميدوار 61000 ووٽ حاصل ڪيا هئا، ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ جي عورت اميدوار نوشين افتخار هڪ لک 10 هزار حاصل ڪيا يعني پهريان کان 10 هزار وڌيڪ، پي ٽي آءِ اميدوار 93000 هزار حاصل ڪيا آهن ماضي جي مقابلي ۾ 32 هزار وڌيڪ حاصل ڪيا، هي ووٽ اهڙي ماحول ۾ وڌا ويا جڏهن ووٽرن جي همدردي نوشين سان گڏ هئي ۽ مريم جي تقريرن جي گونج ووٽرن جي ڪنن ۾ هئي گڏ ئي مريم جو متاثر ڪندڙ سحر به هو، پي ٽي آءِ جي اميدوار 2018ع ۾ به ڪاميابي حاصل نه ڪئي هئي، پر پي ٽي آءِ جي ووٽ بينڪ ۾ اضافو ته ٿيو آهي، حڪومت خلاف مختلف پروپيگنڊا باوجود، ري پولنگ جي باري ۾ ته نٿو چئي سگهجي، ته پي ٽي آءِ غلط طريقي سان ووٽ حاصل ڪيا آهن، پي ٽي آءِ هجي يا ن ليگ ٻئي هڪ ٻئي فيڪٽر کي منهن ڏين پيون، تحريڪ لبيڪ راءِ عامه کي ان طرح هموار نه ڪري سگهي هئي جيڪو پنهنجي تازن ڌرڻن سان هموار ڪري ورتي آهي، تحريڪ لبيڪ جي اميدوار 8 هزار ووٽ حاصل ڪيا هئا، تحريڪ لبيڪ سوچڻ جو سامان پيدا ڪندي آهي، ڪراچي ۾ 29 اپريل تي ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ ن ليگ، پي پي، پاڪ سر زمين ۽ تحريڪ لبيڪ جو اميدوار ميدان ۾ آهي، تحريڪ لبيڪ جي اميدوار مفتي نذير ڪمالوي کي 14 اپريل تي اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته تحريڪ تي پابندي بعد آزاد حيثيت ۾ حصو وٺي سگهي ٿو، ان جي پارٽي جو نشان ڪرين به پابندي جي ڪري بيلٽ پيپر تي موجود نه هوندو، تحريڪ لبيڪ ته پنهنجي حق ۾ موجود همدردي کي تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪري پنهنجي ئي هٿان تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پي ڊي ايم ۾ وڌندڙ اختلاف به هن ننڍي چونڊن دوران نئين صف بندي ڪرائي ڇڏي آهي، جي يو آءِ پنهنجو وزن ن ليگ جي پلڙي ۾ وڌو آهي، اي اين پي به ن ليگ جي حق ۾ هٿ کڻي وئي آهي، ن ليگ تازن اختلافن کان اڳ پي پي کان اميدوار جي حق ۾ مدد گهري هئي جنهن کي بعد ۾ بلاول رد ڪري ڇڏيو، تڪ ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ لساني ۽ مذهبي تفريق جو سهارو به ورتو پيو وڃي اهو حربو اهي ماڻهو استعمال ڪري رهيا آهن جيڪي بظاهر لساني ۽ مذهبي تفريق خلاف ڳالهائيندا آهن.
اسان جي جمهوريت ۾ ته هڪ ووٽ جي برتري به ڪاميابي ڏياري ڇڏيندي آهي، تڪ ۾ 4 لک 90 هزار ڪل ووٽ رجسٽرڊ هئا جڏهن سمورن اميدوارن 2 لک 11 هزار ووٽ حاصل ڪيا هئا جيڪي تڪ جي ڪل ووٽن جي اڌ کان به گهٽ آهن، هتي ان ڳالهه کي ڪا قانوني حيثيت حاصل ناهي ته تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽن مان گهٽ ۾ گهٽ اڌ ووٽ ئي وڌا وڃن، ڪامياب اميدوار ڏنل ڪل ووٽن جو اڌ ته حاصل ڪري، جيڪڏهن پهرين ۽ ٻئي نمبر تي ايندڙ اميدوار اڌ ووٽ حاصل نٿا ڪري سگهن ته پولنگ ٻيهر ڪرائي وڃي، چونڊ سڌارن ۾ اهڙن سڌارن کي ڪڏهن پذيرائي حاصل نٿي ٿي سگهي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبر اهڙيون ترميمون ڪندا آهن جن سان سندن مفاد جڙيل هوندا آهن، اهي مستقبل جي باري ۾ نه سوچيندا آهن، اسان جي پارليامينٽ ميمبرن جي انهي رويي هن ملڪ ۾ جمهوريت کي ”هموريت“ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، سڀني اهو ئي ڪيو آهي، ملڪ ۾ نالي جي جمهوريت آهي، اها جمهوريت ئي هن ملڪ جي عوام کي پنهنجو ڪو به حق حاصل ڪرڻ نه ڏيندي.