دادو ( رپورٽر ) ڪاڇي جي ڊرگھ بالا ۾ 4 ٻارن جي ماء عالم خاتون کي مڙس وحشياڻو تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي ، مسمات عالم خاتون معصوم نياڻي دعا سميت مڙس يامين ٻٻر خلاف دادو پريس ڪلب پهچي سخت احتجاج ڪندي داهيو آهي ته مڙس تشدد ڪري 3 ٻار امين ، ڪونج ۽ عائشه کسي گهران ڪڍيو آهي ، مڙس بينظير انڪم سپورٽ جا پئيسا به کسي ويندو آهي ، روپيو به خرچ لاء ناهي ڏيندو ، معصوم ٻچا بکن تي هوندا آهن ، ڀيڻ عشره جي گهران ماني ٽڪي وٺڻ تي مڙس ان تي به تشدد ڪري ٿو ، مڙس يامين مونکي ۽ منهنجي ڀيڻ عشره کي قتل ڪرڻ ٿو چاهي تحفظ ڏئي کسيل ٻار واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي