لنڊن(م ڊ) برطانيا جي اڳوڻي سفير ۽ تجزياڪار ڪريگ مري دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا جي ايجنسي سي آءِ اي عمران خان کي پاڪستان جي وزارت عظميٰ جي عهدي تان هٽايو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سي آءِ اي عمران خان کي پاڪستان جي وزيراعظم جي عهدي تان هٽايو ڇاڪاڻ ته هو پاڪستان اندر ۽ پاڪستان مان آمريڪا جي ڊرون حملن جي مخالفت ڪري رهيو هو. هن دعويٰ ڪئي ته اها گذريل ڪجهه سالن اندر سڀ کان گهٽ رپورٽ ٿيل اسٽوري آهي. ان جي جواب ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سندس موقف جي حمايت ڪندي ان کي پنهنجي حڪومت جي تبديلي واري بيانيي جي ڪاميابي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته هي حڪومت جي تبديلي پويان سازش هجڻ جو ثبوت آهي. عمران اسماعيل، فواد چوڌري ۽ ٻين اڳواڻن ان ٽوئيٽ کي ريٽوئٽ ڪيو.