ڊرون جيڪي ولرن ۾ اڏامي سگهندا

0
82
فضائي آلودگي جا ويم تي اثر

   پکين کان متاثر ٿي اهڙا ڊرونز تيار ڪيا آهن جيڪي ولر جي صورت ۾ گھاٽن ٻيلن ۽ روڊ رستن مٿان توڙن ماڻھن جي ميڙن ۾ اڏامون ڪري سگھندا ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ سان انسانن جون ڪيتريون ئي مشڪلاتون حل ٿي وينديون پر خدشو آهي ته انهن کي خطرناڪ هٿيارن طور به استعمال ڪري سگھجي ٿو.

  چمڪندڙ نيلي رنگن جي 10 ڊرونن جو هڪ ولر چين جي بانسن وارن ٻيلن ۾ ڌرتي تان مٿي اڏاڻو؛ پوءِ ٻوڙن ۽ ٽارين جي وچ مان پنهنجو رستو ٺاهيندو کڏن کوٻن واري زمين مٿان ٻيلن ۾ اڏامندو رهيو. ڪٿي به ڪنهن به شيءَ سان ٽڪرايو ڪونه. زيانگ يونيورسٽيءَ جي سائنسدانن جي قيادت ۾ ڪرايل انهي تجربي هاليووڊ فلمن جي ياد ڏياري ڇڏي. سائنسدانن به ان موقعي تي “سٽار وارس،” “پروميٿييس” ۽ “بليڊ رنر 2049” جھڙين فلمن کي ياد پئي ڪيو.

   تازو ئي سائنس روبوٽڪس جرنل ان باري ۾ ھڪ مفصل رپورٽ شائع ڪئي آهي، جنھن ۾ شن زائو جي قيادت ۾ ڪم ڪرڻ واري سائنسدانن جي ٽيم لکيو آهي ته،“هتي اسان مستقبل  ڏانهن هڪ وڌيڪ قدم وڌايو آهي.” نظرياتي طور اسان ان جو استعمال حقيقي دنيا ۾ ڪيترن ئي نمونن سان ٿڪري سگھون ٿا. ان ۾ تحفظ ۽ آفتن جي دوران امدادي ڪمن لاءِ فضائي سروي به شامل آهي. جيتوڻيڪ ان ٽيڪنيڪ کي ڪجهھ وڌيڪ پختو بڻائڻ جي ضرورت آھي ته جيئن اها نئين ماحول مطابق پاڻ ٺهڪائي سگھي. اهو ضروري آهي ته ان دوران انهن جي پاڻ ۾ يا ٻي ڪنهن شيءَ سان ٽڪر نه ٿئي. ۽ اهي عام سلامتي لاءِ خطري جو سبب نه بڻجن.

سوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ ۾ روبوٽڪس اينرڪا سورييا جو چوڻ آهي ته ڊرون جي ولر بابت اڳ ۾ به تجربا ڪيا ويا آهن پر بنا رڪاوٽ واري کلي ماحول ۾ يا پوءِ اهڙي جاين تي جتي رڪاوٽن کي اڳ ئي پروگرام ڪيو ويو ھو. اينرڪا سورييا جو چوڻ آهي ته، “پهرئين ڀيري ڊرونن جو ولر ٻيلي ۾ هڪ اهڙي ماحول ۾ اڏاڻو جنهن جي پهرين تخليق نه ڪيل هئي. اهو تجربو شاندار رهيو آهي.“

 ڊيپٿ ڪئمرا، آلٽيچيوڊ سينسرز ۽ هڪ آن بورڊ ڪمپيوٽر سان ليس هٿ جي تريءَ جي ماپ وارا ڊرون خاص ڪم لاءِ تيار ڪيا ويا آهن. انهن جي سڀ کان وڏي خوبي هڪ بي حد هوشيار الگورٿم آھي جيڪو ٽڪر کان بچڻ، اڏام کي بهتر بنائڻ ۽ ولر سان سهڪار لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ تھ اهو ڊرون ڪنهن به ٻاهرئين ڍانچي سان جڙيل ناهي، تنهنڪري انهن کي قدرتي آفتن جي دوران به استعمال ڪري سگھجي ٿو. مثال طور انهن کي زلزلي سان تباهه ٿيڻ واري علائقي ۾ نقصان جي جائزي لاءِ يا پوءِ ڪٿي ڪهڙي مدد جي ضرورت آهي. ڪهڙي عمارت ماڻھن لاءِ محفوظ نه آهي. ان جو پتو لڳائڻ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو.

 بي شڪ اهو ڪم هڪ ڊرون کان ئي وٺي سگھجي ٿو پر اهو ڪم ولر ۾ هجي ته ان جي صلاحيت ۾ اضافو ٿي ويندو خاص طور تي تڏهن جڏهن اڏام لاءِ وقت محدود هجي. ان سان گڏ ئي هڪ فائدو اهو به آهي ته ولر سان گڏجي ڪري ٽولن جي صورت ۾ گھڻو وزني سامان به کڻي ڪري ڪٿي به پهچائي سگھبو. جيتوڻيڪ ان جو هڪ خطرناڪ پاسو به آهي جو انهن ولرن کي فوج هٿيارن سان به ليس ڪري سگھي ٿي. جيئن اڄ ڪلھھ ريموٽ سان هلڻ واري سنگل ڊرون سان ڪيو پيو وڃي. آمريڪا جي دفاع واري کاتي پينٽاگان ان ۾ گھڻي دلچسپي ڏيکاري آهي ۽ اهو پاڻ به ان سلسلي ۾ تجربا ڪري رهيو آهي.

 اينرڪا سورييا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته،“فوج سان جڙيل ان قسم جي معلومات کي باقي دنيا سان شيئر نه ڪيو ويندو آهي ۽ اها به خبر نه آهي ته اها ٽيڪنيڪ ڪٿي وڃي دنگ ڪندي. تڏهن به جرنل مطابق دستياب معلومات مطابق اهو ضرور ٿي سگھي ٿو ته ان جو فوجي استعمال به ڪري سگھجي ٿو.“

 چيني ٽيم پنهنجي ڊرون کي الڳ الڳ حالتن ۾ ٺھڪائي انهن تي تجربا ڪيا آهن. بانس وارن ٻيلن مان ولرن جي اڏام، وڌيڪ ٽريفڪ وارن تجربن ۾ ٻين ڊرونن کان بچڻ ۽ روبوٽ جو ڪنهن انسان جو پيڇو ڪرڻ جهڙا تجربا ڪيا ويا آهن. شن زائو بلاگ پوسٽ ۾ لکيو آهي ته،“اسان جو ڪم پکين کان متاثر آهي جيڪي ولر سان به تمام صفائي سان ٻيلن جي وچ ۾ اڏامن ٿا.” انهن کي تيار ڪرڻ ۾ چئلينجز به هئا. الڳ الڳ ضرورتن جي وچ ۾ توازن به قائم ڪرڻو پيو. انهن مشينن کي ننڍي ۽ هلڪي بڻائڻ سان گڏوگڏ اعليٰ صلاحيتن واري ڪمپيوٽر جي طاقت سان به ليس ڪرڻو ھو ۽ اڏامڻ جي وقت کي اينگھائڻ کان سواءِ هڪ محفوظ رستو پيدا ڪرڻ بھ ھو. اينرڪا سورييا جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجھھ سالن ۾ اهي ڊرون ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا جيتوڻيڪ ان کان اڳ انهن کي تمام گھڻن سرگرم علائقن ۾ مثال طور شهرن ۾ آزمائڻو پوندو. جتي انھيءَ کي ولر مسلسل ماڻھن ۽ گاڏين کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هيٺ مٿي ٿيڻو پوندو. ان سان گڏ ئي انهن کي اڏام لاءِ باقاعده طور تيار ڪرڻ ۽ انهن جي منظوري لاءِ به ڪجھھ وقت لڳندو.