ڊرائيور کانسواءِ هلندڙ پهرين ٽرين متعارف

0
238

برلن (دلچسپ نيوز) جرمن ريل ڪمپني ڊوئچي ۽ صنعتي گروپ سيمنز هيمبرگ ۾ دنيا جي پهرين پاڻمرادو ۽ ڊرائيور کان سواءِ هلندڙ ٽرين متعارف ڪرائي ڇڏي جيڪا روايتي ريلن جي ڀيٽ ۾ وقت جي وڌيڪ پابند ۽ توانائي سان ڀرپور آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اهڙيون 4 ريل گاڏيون جرمني جي اتر واري شهر ايس بان ريپڊ اربن ريل نيٽورڪ ۾ شامل هونديون ۽ موجود ريل انفرا اسٽرڪچر کي استعمال ڪندي هلندڙ سال ڊسمبر کان مسافر کي کڻي وڃڻ جو عمل شروع ڪنديون.دنيا جي ٻين شهرن جهڙوڪ پيرس ۾ ڊرائيور کانسواءِ (Driverless) هلندڙ ميٽروز آهن جڏهن ته ايئرپورٽس تي اڪثر آٽوميٽڪ مونو ريل ريلون هونديون آحن پر اه خاص سنگل ٽريڪس تي هلنديون آهن.پر هيمبرگ ٽرين ٻين باقاعده ٽرينن سان گڏ ٽريڪ استعمال ڪنديون.