ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ترجمان يونيورسٽي جي پوائنٽ بس ڊرائيور غلام علي ڳن جي حيدرآباد ۾ قتل واري واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان چيو ته غلام علي ڳن جي قتل تي وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو سميت سڄو ادارو سوڳوار آهي، واقعي جي اطلاع تي وائيس چانسيلر جي هدايتن تي رجسٽرار ۽ ٽرانسپورٽ انچارج سميت مختلف عملدار حيدرآباد اسپتال پهتا. هن چيو ته يونيورسٽي انتظاميه پونيئرن سان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ ساڻن مڪمل قانوني سهڪار ڪيو ويندو. ترجمان موجب اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته واقعي جا ڪارڻ ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، پوليس جاچ بعد صورتحال واضح ٿي ويندي.