ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ ۾ ڊجيٽل ستين آدمشماري شروع ٿي وئي آهي، ڪراچي ۾ به آدمشماري ڪندڙ عملي کي ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو، اڪثر علائقن ۾ اينومريٽر کي ماڻهن ڄاڻ ئي نه ڏني،  جڏهن ته انٽرنيٽ جي مسئلي سبب ٽيبليٽس ڪيترن ئي هنڌن تي ڪم نه ڪيو، ان حوالي سان شاهه فيصل ڪالوني ۾ سپروائيزر طور مقرر ٿيل صنم تجمل ٻڌايو ته ماڻهو عملي سان تعاون نٿا ڪن، ٽيڪنيڪل مسئلا به ٿي رهيا آهن، شايد پهريون ڏينهن هجڻ ڪري پريشان ٿي رهي آهي، هوڏانهن اي سي شاهه فيصل ٽائون اسماءِ بتول ٻڌايو ته عملي کي گهربل سامان فراهم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي ٽرانسپورٽ پڻ مهيا ڪئي وئي آهي، پوليس نفري فراهم ڪرڻ سان گڏ رينجرز به  اسٽينڊ باءِ آهي، مجموعي طور بهتر صورتحال آهي، ڪٿي ڪٿي ٽيڪنيڪل مسئلا به درپيش آهن. ملير ۾ سرڪار پاران ڏنل ٽيبليٽ وقت سر اپڊيٽ نه ٿيڻ ڪري گهر شماري جو عمل 5 ڪلاڪن بعد شروع ٿيو، جڏهن ته عملي کي مليل بلاڪ ۽ نقشا به کين پريشان ڪندا رهيا، عملي موجب ڪجهه علائقن ۾ 200 کان 250 بجاءِ 3  کان 4 هزار گهرن تي ٻڌل بلاڪ ٺاهيا ويا آهن، اهڙن وڏن بلاڪن ۾ 3 ڏينهن ۾ گهر شماري ڪرڻ ممڪن ناهي.حيدرآباد ۾ ڊجيٽل آدمشماري لاءِ چئني تعلقن ۾ 2 هزار 333 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن. ڄاڻايل بلاڪن کي 354 سرڪل ۽ 72 چارجز ۾ ورهايو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو لطيف آباد يونٽ نمبر 7 پهچي هڪ گهر تي نمبر لڳائي آدمشماري جو افتتاح ڪيو.پهرين ڏينهن تي منجهند تائين سٽي، لطيف آباد ۽ قاسم آباد تعلقن ۾ گهرن جي ڳڻپ ڪندڙ عملي کي فراهم ٿيل ٽيبليٽ مختلف سببن جي ڪري بند هئا، جنهن ڪري ڳڻپ وارو مرحلو سخت متاثر ٿيو. ٺٽي ۾گھر شماري دوران ضلعي جي اڪثريتي علائقن ۾ ٽيبليٽ جي نه هلڻ توڙي سافٽ ويئر جي ڪم نه ڪرڻ ڪري گھرن جي لسٽنگ وارو ڪم سخت متاثر ٿيو.جنهن سبب  وڏي پئماني تي گھرن جي ڳڻپ ناهي ٿي سگھي. بدين ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نجيب الرحمان جمالي افتتاح ايگرول ڪالوني ۾ گھر تي نمبر ھڻي ڪري ڇڏيو,عمرڪوٽ ۾ ڊجيٽل آدم شماري لاءِ مقرر ٽيمون مسلسل انٽرنيٽ سروس جي بند ھجڻ، ٽرانسپورٽ جي مسئلن ۽ لوڪيشن واضح نه ٿيڻ سبب مونجھارن جو شڪار رھيون،  ٽنڊوالهيار ۾ ڪمشنر حيدرآباد ٽنڊوالهيار پهچي مردم شماري جو افتتاح ڪيو ڪمشنر حيدرآباد بلاول ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر ولي محمد بلوچ سان گڏجي ٽنڊوالهيار شهر جي گلشن مهراڻ ڪالوني کان مردم شماري جي شروعات ڪئي.دادو ۾ انتظاميا پاران آدمشماري ڪندڙ عملي کي ڏنل ڊوائيس ڪم نه ڪرڻ سبب ٽيمون گهرن تي نمبر لڳائيندي نظر اچي رهيون هيون ، آدمشماري ٽيمن کي سيڪيورٽي به فراهم ناهي ڪئي وئي ، ٽنڊو محمد خان ۾  ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي پاران ڊي سي سيڪريٽريٽ ۾ موجود  ڊي سي هائوس تي نمبر لڳائي آدمشماري جو افتتاح ڪيو.   ميرپورخاص ضلعي ۾ انتظاميا پاران انتظام مڪمل نه ھئڻ سبب ڊجيٽل آدم شماري جي پھرين ئي ڏينھن آدم شماري جو عمل رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، عملي کي ڊيوٽين تي پھچڻ لاءِ ٽرانسپورٽ به نه ڏني وئي، عملو پاڻ مرادو پنھنجي خرچن تي ڊيوٽين تي پھتو، نوابشاهه ۾ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن عبدالعليم لاشاري ۽ ڊي آئي جي پوليس يونس چانڊيو غلام حيدر شاهه ڪالوني ۾ ھڪ گھر تي نمبر لڳائي ستين ڊيجيٽل آدم ۽ گھر شماري جو افتتاح ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر گھنور علي لغاري ستين گھر شماري ۽ ڊجيٽل آدمشماريءَ جو افتتاح ڪري ڇڏيو.قمبر ۾ به آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ گهر شماري وارو ڪم رولڙي جو شڪار رهيو، ڊوائيس نه هلڻ سگنل نه هجڻ ۽ ٽرانسپورٽ جا انتظام صحيح نه هئڻ سبب عملي کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو.ڏوڪري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالمجيد زهراڻي شهر ۾ گھر تي نمبر لکي ڊجيٽل آدمشماري جي شروعات ڪري ڇڏي.نصيرآباد ۾گهرن جي ڳڻپ ڪندڙ عملي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته صبح 7 وڳي کان اي سي آفيس پهتاسين ، ته آفيس کي تالو لڳل هيو، جڏهن ته اسان کي 8 وڳي سروي لاءِ نڪرڻو هيو، پر اي سي آفيس وقت سر نه کلڻ ۽ گاڏيون نه ملڻ جي ڪري سروي ۾ دير ٿي، انتظاميه سواري جو ڪوبه بندوبست ناهي ڪري ڏنو.مورو ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي شروعات ڪئي وئي، عملي کي مليل ڊوائيسز صبح جو 8 وڳي کان شام تائين ايڪٽو نه ٿي سگهيون، جنهن ڪري عملو پريشان رهيو، صالح پٽ ۾ ڊجيٽل آدمشماري شروع ٿي وئي. ان سلسلي ۾ 12 ٽيمون جوڙيون ويون آهن، ٽرانسپورٽ نه ملڻ ۽ ڊوائسن ۾ مسئلن سبب سروي ٽيمون صبح 9 وڳي بدران منجهند 12 وڳي روانيون ٿي سگهيون. ڪجهه ٽيمون روانيون نه ٿي سگهيون هيون.