جي ياد ڪجي تھ ڪراچي ۾ ڪمپيوٽر 80 کانپوءِ ڪٿي ڪٿي ٿورو ٿڪو نظر ايندو ھو، تڏھن ان مشين جي ذري گھٽ وڏي عزت،مان ھوندو ھو.ان کان اڳ ٽائيپ رائيٽر ۽ اليڪٽرانڪ ٽائپ رائيٽر ھئا، ان وچ ۾ ورڊ پروسيسنگ مشين آئي ھئي،جيڪا اليڪٽراڪ مٽائپ رائٽر جو ئي سڌريل نمونو ھو. جنھن تي مون ڪجھه عرصو ڪم ڪيو ھو، ان ۾ اضافي خوبي ھا ھئي تھه انگريزي ٽائپنگ دوران پروفنگ ڪندي ھئي پروفنگ ڇا ڪندي ھئي، ڪنھن لفظ جي غلط ھئڻ تي ٻھ ٽي آپشن ڏيندي ھئي،  انھن مان لفظن جي درستي لاءِ وري بھ ذھن خرچ ڪرڻو پوندو ھو، 80 کان 90 جي وچ ۾ مون اسان جي فيملي فرينڊ چاچا نظير قريشي وٽ ھڪ اليڪٽرانڪ ڊڪشنري به ڏٺي ھئي.

                         پر ڪمپيوٽر انھن سڀني شين کي ھڪ ئي ڌڪ سان ميدان مان ڀڄائي ڪڍيو ۽ پنھنجو ڌاڪو ڄمايو، 1989 ۾ عوامي آواز جي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ وقت ايپل جا ڪمپيوٽر نظر مان گذريا پر انھن ڏينھن ۾ ڪمپيوٽر وڏي ڳالھھ ھوندو ھو، سکڻ جي لاءِ جيڪي ادارا ھئا انھن م سکندڙن کي جيڪو ڪجھھ سمجھايو ويندو ھو ان موجب ڪمپيوٽر اھڙي بلا ھوندو ھو، جنھن جي اڳيان حضرت انسان کي جھڙوڪر مٿو مٿي کڻڻو نھ ھوندو ھو، ان ڀوت جو سحر خاصو وقت رھيو.

ھر نئين ايجاد کان موجودھ نسل ڊڄندو آھي،سو اڃان بھ ڪيترائي اھڙي آھن جيڪي ڪمپيوٽر کان ووئون وڃن ٿا.پر 80 ۽ 90 واري ڏھاڪي ۾ ٻين تبديلين سان گڏ ھڪ چڱي يا خراب تبديلي اھا ٿي تھ دنيا جي اين جي اوز ھن پاسي جو رخ ڪيو،جنھن سان ڪمپيوٽر لٽريسي ۾ بھ اضافو ٿيو. مون فيس بڪ 2004 يا 2005 ۾ جوائن ڪيو، ان جي لنڪ مونکي منھنجي محسن دوست ڊاڪٽر شاھمراد مستوئي اي ميل تي موڪلي ھئي. انھن ڏينھن ۾ڪي ٿورا ماڻھون اڃان فيس بڪ تي ھوندا ھئا.اي ميل يا فيس بڪ اسان جي ملڪ جي ماڻھن جي لاءِ ھڪ نئين طلسماتي دنيا ھئي، ان سان مون کي جيڪي فائدا ٿيا انھن ۾ اھڙن دوستن سان بھ رابطو ٿيو جن کي 20 .30 سال ٿيا وڃائي ڇڏيو ھو يا انھن سان رابطو نھ ھو.ان کانسواءِ ان ذريعي دنيا جي ماڻھن جا ويچار، خيال، دنيا ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل کان آگاھي ملندي رھي.

ھن وقت فيس بڪ بعد ٻيون بھ ڪافي سوشل سائٽيس متعارف ٿيون آھن. پر فيس بڪ استعمال ڪندڙن جو انگ اڄ بھ گھڻو آھي.ان ڪري اھو شايد وڏو نيٽ ورڪ آھي، ھاڻي گھڻن ماڻھن جي لاءِ صبح جي شروعات ان ڊجيٽل دنيا سان ٿئي ٿي جنھن جو ھن وقت حضرت انسان غلام ٿي ويو آھي. (فيس بوڪ تان ورتل)