واشنگٽن (دلچسپ نيوز) ڊيجيٽل دنيا ماهوار لکين ڊالر ڪمائڻ جا بهترين موقعا فراهم ڪري ڇڏيا آهن. رپورٽ موجب اڌ کان وڌيڪ ٽيڪ پروفيشنلز موجوده مارڪيٽ جي امڪانن ۾ پنهنجي مرضي جون نوڪريون ڳولڻ ۾ سولائي محسوس ڪن ٿا، سڄي دنيا ۾ ڪاروباري ادارا نئين ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ رکندڙن کي ڳوليندا آهن ته جيئن هو مهارت مان فائدو وٺن. عالمي اداري فوربس موجب هن سال ڊيٽا ڪميونيڪيشن ۽ ڊيٽا اسٽوري ٽيلنگ اهڙيون اهم مهارتون هونديون جن جي مارڪيٽ ۾ وڏي ڊمانڊ آهي، اندازي موجب 2025 ۾ 70 سيڪڙو نوڪريون سڌي ريت ڊيٽا سائنس سان واڳيل هونديون. ڪمپنيون ۽ ڪاروباري ادارا باصلاحيت سائبر سيڪيورٽي ماهرن کي ڳولين ٿا.تازو مشين لرننگ ۽ هٿرادو ذهانت يعنيٰ ايم ايل ۽ اي آءِ زندگي جو وڏو حصو بڻجي ويون آهن، اهي آن لائن انسان جهڙا چيٽ بوٽ هجن يا ڪجهه ٻيو، اهي سڀ ڪم اي آءِ ٽيڪنالاجي ذريعي ڪيا پيا وڃن، ان کانسواءِ اي ڪامرس جي دڪان لاءِ يو ايڪس يعنيٰ يوزر ايڪسپيرنز ڊيزائنر گهربل هوندا آهن، انهن جي مهارتن مان اڄ ڪلهه وڏو فائدو وتو پيو وڃي، ان لاءِ ڪوڊنگ جي ڄاڻ وڌيڪ ضروري ناهي پر پوءِ به هنن جي وڏي ڊيمانڊ آهي.ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، گارٽنر جو اندازو آهي ته عالمي ڪلائوڊ جا خرچ 2023 ۾ 591 بلين ڊالر تائين پهچي ويندا جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ هوندو، ڪاروباري ادارا ڪلائوڊ مائيگريشن کي پنهنجي ڊجيٽل تبديلي ۾ هڪ اهم ضرورت سمجهن ٿا.