اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ اندر پهرين ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جي حوالي سان جوڙيل شيڊول تبديل ڪيو ويو آهي، ڊجيٽل آدمشماري هاڻي آگسٽ جي آخري هفتي بدران 4 مهينا دير سان ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري جي شيڊول ۾ تبديلي ڊجيٽل آدشماري لاءِ گهربل ٽيبليٽ ۽  ٻين ٽيڪنيڪل اوزارن جي خريداري ۾ دير ٿيڻ سبب ٿي آهي، پهرين ڊجيٽل آدمشماري لاءِ هڪ لک 20 هزار کان وڌيڪ ٽيبليٽس جي خريداري کانسواءِ سافٽ ويئر ۽ ٻيا آلات گهربل هوندا، سافٽ ويئر جي ٽيسٽنگ لاءِ پائليٽ پروجيڪٽ شروع ٿي ويو آهي، پراڻي شيڊول تحت ملڪ اندر پهرين ڊجيٽل آدمشماري آگسٽ ۾ شروع ڪري ڊسمبر 2022ع ۾ اليڪشن ڪميشن کي نئين آدمشماري جي ڊيٽا موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ته جيئن ايندڙ عام چونڊ اليڪشن ڪميشن نئين ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن تحت ڪرائي سگهي پر هاڻي شيڊول تبديل ٿيڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن کي ڊجيٽل آدمشماري جا انگ اکر مارچ 2023ع تائين ڏيڻ جو شيڊول تيار ڪيو ويو آهي، مارچ ۾ اليڪشن ڪميشن کي نئين آدمشماري جا انگ اکر ملڻ کان پوءِ نئين ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن تحت نئين تڪبندي ۽ ووٽر لسٽ جي تياري لاءِ اليڪشن ڪميشن کي گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينن جو وقت درڪار هوندو، پر ان کان پهريان قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ مان ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن تحت صوبن جون سيٽون مقرر ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم منظور ڪرڻي پوندي، پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ۾ عدم موجودگي ۾ آئين  ۾ اهڙي ترميم قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ انتهائي مشڪل عمل بڻيل آهي، جنهن ڪري نئين ڊجيٽل آدمشماري تحت ايندڙ عام چونڊون ڪرائڻ وارو عمل بظاهر مشڪل نظر اچي رهيو آهي.