ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي ڳڻپ گهٽ ڏيکاري وئي آهي، 70 لک کان مٿي ماڻهو ڳڻپ ۾ شامل ئي نه ڪيا ويا آهن جيڪا سنڌ جي عوام سان سراسر ناانصافي آهي، پي ٽي آءِ قيادت جي حڪمن تي ملڪ جي حساس ادارن تي حملا ڪيا ويا جيڪي ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به اهڙا واقعا نه ٿيا آهن. ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي سيد قاسم نويد قمر چيو ته عمران خان ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ لاءِ رابطا ڪري رهيا آهن. ايندڙ سنڌ جي بجيٽ ۾ سنڌ جي عوام کي خصوصي رليف ڏنو ويندو، سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برسات جي تباھڪارين جي ڪري ڪروڙين روپين جو نقصان رسيو ۽ ڪيتريون جانيون ضايع ٿيون، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت رليف کاتي تحت سندن مالي مدد ڪئي آهي. ان موقعي تي سيد قاسم نويد قمر پاران ضلعي ڪائونسل پاران منظور ٿيل سالياني گرانٽ جو پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان کي پڻ ٻن لک روپين جو چيڪ ڏنو. ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان جي سنڌ مائڪرو فنانس جي منعقد ڪيل تقريب ۾ سيد قاسم نويد قمر غريب مسڪين عورتن ۾ سندن روزگار لاءِ في عورت لاءِ 50-50 هزار روپين جا چيڪ تقسيم ڪيا.