ڪراچي (نمائندن وٽان) ڊجيٽل آدمشماري جي ٻئي ڏينهن به ڊوائيسز ڪم نه ڪيو، ڪڻڪ جي لابارن سبب هزارين خاندانن جي ڳڻپ کان رهجي وڃڻ جو انديشو، عملي جو سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج، ڪم بند ڪري ڇڏيو، خبر موجب حيدرآباد جي 4 تعلقن ۾ ٻئي ڏينهن به ڊجيٽل آدمشماري لاءِ عملو گهر گهر پهتو، سٽي، هٽڙي ۽ ٽنڊو فضل وارن علائقن ۾ ڳڻپ ڪندڙ عملي سيڪيورٽي سميت ٽرانسپورٽ نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون، انيوميٽرز بشير ميمڻ، شفيق جانوري، اويس ۽ ٻين ٻڌايو ته مليل ڊوائيز بند ٿي وڃن ٿيون، هوڏانهن سٽي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ عملو گهرن جي ڳڻپ لاءِ پهتو ته عورتون ٻاهر نڪري آيون جن کين تفصيل فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد عملو مايوس ٿي واپس روانو ٿي ويو، لطيف آباد، قاسم آباد ۽ ٻهراڙي واري تعلقن ۾ به ڪيترن ئي ڳوٺن توڙي علائقن ۾ عملو ٻئي ڏينهن به ڊوائيزون نه هلڻ سميت ٻين مسئلن جو شڪار رهيو، جنهن ڪري سندن گهرن کي ڳڻڻ وارو هدف مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، هوڏانهن ٽنڊو فضل جي علائقي مولان ۾ انيوميٽرز کي ڳوٺاڻن حراسان ڪيو، جنهن بعد هو ڊوڙيو ته مٿس رولو ڪتن حملو ڪري زخمي ڪيو، سکر ڊسٽرڪٽ بار پاران آدمشماري ۾ قومي شناختي ڪارڊ وارو شرط ختم ڪرڻ واري عمل کي ڌارين کي پناهه ڏيڻ جي سازش قرار ڏئي ايڊووڪيٽ شفقت رحيم راجپوت، قربان شر، علي حيدر ادا، جئي ڪمار، آصف ابڙو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، راڄوخاناڻي سميت بدين ضلعي جي ننڍن وڏن ڳوٺن مان ڪولھي، ڀيل ۽ ٻين برادرين جا  ھاري ۽ مزدور خاندان ڪڻڪ جي لاباري لاءِ لڏپلاڻ ڪري پنهنجي گھرن مان نڪري مختلف ضلعن ۾ ويل آھن، جيڪي ڳڻپ کان رهجي ويندا، کپرو تعلقي جي اڇڙي ٿر واري علائقي ۾ آدمشماري جو ڪم نه ٿي سگهيو، ڊوائيس انيوميٽر ۽ سپروائيزرن جو چوڻ آهي ته ڊوائيس ۾ جيڪو سافٽ ويئر اپ  لوڊ ٿيل آھي، ان ڳوٺ واري هنڌ ڊوائيس نٿي کلي، نئون دمبالو ۾ آدمشماري عملي پاران اڻپوري انتظامن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سرڪل جي سپروائزر شوڪت علي مغل موجب انتظاميا پاران  پوليس ۽ پيٽرول مهيا نه ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب آدمشماري جو عمل رڪجي سگهي ٿو، غوثپور جي مختلف علائقن ۾ گهر شماري وارو عملو نه پهچي سگهيو، قومپرست جماعتن جي اڳواڻن فقير جاويد، مولوي اسدالله ڀيو، ممتاز شيخ جو چوڻ هو ته عملو ڳوٺن ۾ ناهي پهتو، برساتي سيلاب کان پوءِ ڪچي توڙي پڪي جي مختلف  علائقن جا ماڻهو پنهنجا وٿاڻ ڇڏي بندن ۽ فيڊرن جي ڪپن تي ويٺل آهن ته ڪي وري ڪڻڪ جو لابارو ڪرڻ لاءِ پنهنجي زمينن تي ويل آهن، هزارين ڪٽنب ڳڻپ کان رهجي ويندا، ننگرپارڪر تعلقي جي يوسي چوٽل ۾ آدم شماري ڪرڻ لاءِ عملي کي ڏنل ٽيبليٽس ۾ غلط لوڪيشن جاري ٿيڻ سبب ڪم ٻن ڏينهن کان رولڙي جو شڪار بڻيل آهي، پوري يوسي ۾ ڪٿي به لوڪيشن نه ملڻ سبب اڃا تائين آدمشماري جو مرحلو شروع نه ٿي سگھيو آهي، عملي موجب هزارين روپيا ڪرايا ڀري ننگرپارڪر ۾ دربدر ٿي رهيا آهيون، ٽيبليٽس ۾ ڏنل لوڪيش غلط هجڻ ڪري ڪٿي به نه ٿي لڳي، هوڏانهن انچارج شاهد منڱريو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽيڪنيڪل مسئلو هو جيڪو حل ٿي ويو آهي، اڄ کان ڄاڻايل يوسي ۾ ڪم شروع ٿي ويندو، مورو ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڪم ڪندڙ عملي سھولتون فراھم نه ٿيڻ تي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪندي اي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي سپروائيزرن ۽ اينيوميٽرز آصف ڪورائي، اسد ٻگھيو ۽ ٻين چيو ته اسان کي ٽرانسپورٽ جي سھولت فراھم ناھي ڪئي وئي ۽ نه وري پيٽرول ۽ ڊيزل ڏني پئي وڃي، صرف دلاسا ڏنا پيا وڃن، هنن چيو ته ھي قومي فرض سمجھي ڊيوٽيون ڪري رھيا آھيون پر سھولت ناھي، جيستائين اسان کي سھولتون فراھم نه ٿينديون، تيستائين ڪم نه ڪنداسين، بعد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو حسان ظفر احتجاج ڪندڙن کي آفيس ۾ گھرائي مسئلن بابت آگاھي ورتي ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.