ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري، مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر شاھ  ۽ صوبائي سينسز ڪمشنر رفيق ٻرڙو ڪالهه گورنر هائوس ۾ ڊجيٽل آدمشماري جو افتتاح ڪري ڇڏيو،  ان موقعي تي گورنر ڪامران ٽسوري  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان صوبائي ڪمشنر کي پنهنجن خدشن بابت آگاھي ڏني آھي، صوبائي ڪمشنر اھي خدشا وفاقي وزير احسن اقبال آڏو رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ڳڻپ ۾ شناختي ڪارڊ کي شامل ڪيو ويو آھي،  شهرين کي گهرجي ته اهي ڊجيٽل آدمشماري جي عملي سان تعاون ڪري آدمشماري ۾ حصو وٺن، ھن چيو ته ڪراچي جا ماڻهو پاڻ کي رجسٽر ڪرائين، آدمشماري سندن نسلن لاءِ فائديمند آھي، حڪومت جي رجسٽرڊ  ڊيٽا کانسواءِ کين  ڪو فائدو نه ملندو، هن چيو ته آدمشماري بابت عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ گورنر ھائوس ۾ سيل قائم ڪريون ٿا، هن چيو ته آدمشماري جي پهرين ڏينهن عملي جي نه اچڻ، انٽر نيٽ ۽ ٽيبليٽ جي ڪم نه ڪرڻ جو شڪايتون آيون  هيون، جن کي حل ڪيو ويندو۔ ھن چيو ته اسان به انھي ڳالهه تي زور ڏنو آھي ته آدمشماري جي مقرر ڪيل وقت ۾ واڌ ڪئي وڃي، ان موقعي تي سينسز ڪمشنر رفيق ٻرڙو چيو ته غير قانوني يا قانوني طور رھندڙ پرڏيھين جي ڳڻپ لاءِ  الڳ خانو آھي، هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ڪري ڪنهن جي به ڊبل رجسٽريشن نه ٿي سگھندي، هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي مڪاني ادارن  واري وزير سيد ناصر شاھ  چيو  ته ٻوڏ دوران متاثر ٿيل ماڻهو سنڌ ۾ ئي رھن ٿا، اسان انھن کي اتي وڃي ڳڻينداسين، سنڌ جي شھرن ،  ريگستانن(ٿر) ، ڪاڇي ۽ ڪچي ۾ رهندڙن جي ڳڻپ کي يقيني بڻايو ويندو، هن چيو ته ڳڻپ واري عمل ۾ ڀلي مھينو لڳي وڃي پر 2017 جھڙيون خاميون نه ٿين، وڏي وزير مراد شاهه ان وقت به چيو ھو ته جنهن کي ڳڻيو وڃي ٿو،  انھي کي ھڪ ڪاپي ڏيو پر اھا نه ڏني وئي،هن چيوته گذريل آدمشماري مينوئيل ھئي، هاڻوڪي ڊجيٽل  آدمشماري ۾ سموري ڳڻپ شفاف ٿيڻ گھرجي،  هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري لاءِ سڀني سياسي پارٽين پنهنجن ڪارڪنن کي پنهنجن علائقن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو آهي،  کين پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي،  هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڳڻجندڙ ماڻهن جي تسلي لاءِ مڪينزم جوڙڻ واسطي وزيراعليٰ مراد شاهه اهم گڏجاڻي ڪوٺائي آھي، هن چيو ته متحده اڳواڻ فارو ق ستار ڊي سي ايسٽ خلاف ٺلها الزام هڻڻ بدران ثبوت ڏئي ته ڪاروائي ڪنداسين.