اسلام آباد(بيورورپورٽ) نئين آدمشماري ۽ پارليامينٽ ۾ اقليتن جي سيٽن ۾ واڌ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. شهري البرٽ ڊيوڊ طرفان سُپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 2017ع کانپوءِ شهري ۽ ٻهراڙي جي آبادي ۾ غيرمعمولي فرق آيو آهي، موجودا آدمشماري تحت چونڊون ڪرائڻ سان عوام جا حقيقي نمائندا نه چونڊجي سگهبا. درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته نئين آدمشماري ۽ اقليتن جي آبادي مطابق سيٽن ۾ واڌ تائين چونڊون روڪيون وڃن جڏهن ته قانون پٽاندڙ اقليتن کي پارليامنٽ ۾ سيٽون ڏنيون وڃن. درخواست ۾ وفاقي سرڪار، اليڪشن ڪميشن ۽ آدمشماري چيف ڪمشنر کي ڌر بڻايو ويو آهي.