لاڙڪاڻو(رپورٽ: نويد لاڙڪ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ۽ پٽ جونيئر ذوالفقار ڀٽو اوچتو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال پهچي ايچ آءِ وي ايڊز ٽريٽمينٽ سينٽر آيڊلٽ ۽ چلڊرين اسپتال ۾ ٻارن واري سينٽر جو دورو مريضن جي انگن اکرن ۽ علاج معالج بابت ڄاڻ ورتي، ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تنيو ۽ ٻين ڊاڪٽرن فاطمه ۽ جونيئر ذوالفقار کي ڄاڻ ڏني، ان حوالي سان ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تنيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فاطمه ڀٽو ايچ آءِ وي تي لکڻ جي خواهشمند آهي، هن ڀاءُ سان گڏجي ٽريٽمينٽ سينٽر تي اچي ڄاڻ ورتي.. هوڏانهن جونيئر ذوالفقارڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو مريضن توڙي ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٻارڙن جي عيادت ڪئي، اسٽاف ۽ ڪارڪنن سان سيلفيون ڪڍيون ۽ وڊيوز ٺاهيا، مريضن جونيئر ذوالفقار ۽ فاطمه ڀٽو کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو ته ايچ آئي وي جا مريض بهتر علاج ملي ته نارمل زندگي گذاري سگهن ٿا ۽ هتي سينٽر بهتر طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن، ان بيماري جي حوالي سان اسان کي نفرت ۽ ڪوڙ کي ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا مريضن کي وقت سر علاج ۽ ريگيولر ٽيسٽون ڪرائڻ گهرجن، سينٽرز تي ڊاڪٽرس به مريضن جو بهتر علاج ڪن پيا،جڏهن ته هتان جو اسپتالون به ٺيڪ آهن.