ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد ۾ واقع فيڪلٽي آف ايجوڪيشن کي ھڪ ھفتي لاءِ بند ڪيو ويو آھي. سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان نادر علي مغيري موجب فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين ڊاڪٽر صالحه پروين جي ڪرونا سبب لاڏاڻي کانپوءِ فيڪلٽي کي ستن ڏينھن لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته فيڪلٽي آف ايجوڪيشن کي ڌوئاري صاف ڪرايو ويندو ۽ ڦوھارو وغيره به ڪرايو ويندو ته جيئن ان کي صاف سٿرو بنائي سگھجي. ھن چيو ته مڪمل صفائي سٿرائي کانپوءِ 26 اپريل کان فيڪلٽي آف ايجوڪيشن کي تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين لاءِ کوليو ويندو.