بدين: ڊاڪٽر سڪندر منڌرو 7 جولاءِ 1941ع تي گولاڙچي تعلقي جي ڳوٺ متارو منڌرو ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو  ٺارو خان منڌرو هو. سنڌ تعلق مغليه دور جي مانڌر رياست جي حاڪم تاجن منڌري  سان آهي. هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ آڪري ۽ سيراڻي مان حاصل ڪئي ۽ انهي کان پوءِ هو نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهڻ ويو. هن ايم بي بي ايس ان وقت جي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شورو مان پاس ڪري بدين شهر ۾ پنهنجي منڌرا اسپتال قائم ڪئي. هن جي شادي 1972ع ڌاري حيدرآباد جي علمي ادبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ محمد صادق ميمڻ جي ڌيءُ ڊاڪٽر خالده سان ٿئي جنهن مان هن کي هڪ پٽ ذڪريا منڌرو ۽ هڪ نياڻي اميمه منڌرو آهن. ذڪريا منڌرو هن وقت گوگل ڪمپني ۾ اعليٰ عهدي تي ڪم ڪري ٿو ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿو جڏهن سندس نياڻي اميمه منڌرو ن ليگ يونيورسٽي جي فائونڊر آهي. ڊاڪٽر سڪندر منڌري پنهنجي سياست جي شروعات پاڪستان پيپلزپارٽي کان ڪئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي شروعاتي ساٿين مان هڪ هو. هو ڇھ دفعا صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تان اليڪشن لڙيو ۽ مسلسل پنج دفعا ايم پي اي چونڊيو. صحت جي وزير رهڻ دوران هن صوبي اندر صحت جي سهولتن جو هڪ ڄار وڇايو جيڪو هن وقت به سنڌ حڪومت لاء هڪ قابل فخر ڪارنامون آهي. 2018 ۾ کيس سينيٽر چونڊرايو ويو. هن جي  سنڌ جي پاڻي جي ڪيس، روينيو، ماحوليات، مدهب، تاريخ ۽ قانون تي عالمانه دسترس رهي آهي. جڏهن ته انگريزي، اردو ۽ سنڌي کان سواءِ هو عربي زبان جو به ڄاڻو هو.