ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ملير  جي ليبر اسڪوائر واري اسپتال جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍڙ پاران پوسٽنگ لاءِ 5 لک گهرڻ واري الزام هيٺ آيل صحت کاتي جي سيڪشن آفيسر آغا الطاف کي هٽايو ويو، اسپيشل سيڪريٽري جاچ آفيسر مقرر، ان ڏس ۾ پنهنجي اخبار ۾ ڇپيل خبرن جو نوٽيس وٺي صحت کاتي جي سيڪريٽري ذوالفقار شاهه پنهنجي کاتي جي سيڪشن آفيسر آغا الطاف کي هٽائي ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جڏهن ته آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ڊاڪٽر عزيز سوڍڙ طرفان صحت کاتي جي مختلف آفيسرن تي لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ اسپيشل سيڪريٽري محمد نواز سوهو کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو، کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته  الزامن جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪري. سيڪريٽري ذوالفقار شاهه موجب انڪوائري ۾ جن آفيسرن تي الزام ثابت ٿيندا، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڊاڪٽر عزيز جي علاج جو خرچ صحت کاتو برداشت ڪندو. هن چيو ته عبدالعزيز سوڍڙ ليبر اسڪوائر واري اسپتال ۾ ايم ايس طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو، ڊاڪٽر ٻوڏ جي صورتحال سبب   4 مهينن جي موڪل جي درخواست ڏني هئي، آڪٽوبر ۾ ڊاڪٽر عزيز جي موڪل منظور ڪئي وئي، موڪلون ختم ٿيڻ بعد ڊاڪٽر عزيز جنوري 2023 ۾ صحت کاتي کي ٻيهر درخواست ڪئي ته کيس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ پوسٽ ڪيو وڃي.سندس درخواست تي عمل ڪندي فيصلو ڪيو ويو ته لاڙڪاڻي ۾ جتي ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، اتي  کيس پوسٽ ڪيو ويندو، پوسٽنگ آرڊرجاري ٿيڻ کان اڳ ڊاڪٽر سوڍر 14 مارچ 2023ع  تي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اوجها اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڊاڪٽر سوڍر کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو صحتياب ٿي سگهي. ٻئي طرف وزيراعليٰ جي هدايت تي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ  ڪالهه اوجھا اسپتال پهچي ڊاڪٽر سوڍرکان سندس صحت بابت پڇا ڪئي، هن ڊاڪٽر سوڍر ۽ سندس گهرڀاتين کي کاتي پاران مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. هن چيو ته ڊاڪٽر سوڍر کي مڪمل صحتياب ٿيڻ لاءِ وڌيڪ 3 مهينن جي موڪل ڏيڻ چاهيون ٿا پر ڊاڪٽر سوڍر صحت کاتي جي آفيسرن کي فون ڪري سندس موڪل رد ڪري ڪراچي ۾ پوسٽنگ جي درخواست ڪئي آهي، جنهن تي عمل ڪيو ويندو.