ٽنڊو ڄام ( ن پ ا) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينمل سائنس سڪرنڊ جي فيڪلٽي وٽرنري سائينس جو ٽن سالن لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر زاهد اقبال راجپوت کي ڊين مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن يونيورسٽز ۽ بورڊز کاتي جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پروفيسر ڊاڪٽر زاهد اقبال راجپوت شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينيمل سائينس سڪرنڊ جي فيڪلٽي وٽرنري سائينس جو ٽن سالن لاءِ ڊين ھوندو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي منظوري بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو