کورواھ (ن پ ا) ڊاڪٽر حسن پهنور سدائين غريب ماڻهن لاءِ پتوڙيو، ڊاڪٽر حسن ماڻهن جي دردن جو درمان هو، ڊاڪٽر حسن پهنور هڪ جرئتمند قومپرست هو، هن جي زندگي جي ايم سيد جي فڪر تي  هلندي گذري، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ ڊاڪٽر حسن پهنور جي تيرهين ورسي جي موقعي تي کورواھ ۾  جلسي عام کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار جي حاصلات لاءِ  سنڌ جي معدني وسيلن تي سيڙپڪاري ۽ ٻين انتظامي اختيارن کي صوبن کان کسي وفاق جي حوالي ڪيو آهي، ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال ناهي ٿيو، ماڻهو سيءَ ۾ بي يارو مددگار ويٺل  آهن، جلسي کي روشن ٻرڙو، پروفيسر انعام ڀٽي، امير آزاد پهنور، نواز خان زئور، اسماعيل ناز نوتڪاڻي  ۽ ٻين خطاب ڪيو. آخر ۾ محفل موسيقي پڻ ٿي، جنهن ۾ فقير ذوالفقار لنڊ نورحسن ناز قومي گيت گائي واھ واھ ڪرائي ڇڏي