ڊاڪٽر بڻايو، مالهي عدالت پهچي ويو، نوڪري جي ڪهڙي ضرورت، ڪلينڪ کوليو دوا وٺڻ اينداسين: جج

0
509

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مالهي ڊاڪٽر جي عھدي تي ترقي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي درخواست ڏئي ڇڏي

مالهي محمد سهيل پنهنجي درخواست ۾ چيو ته  ضلعي ميونسپل ڪارپوريشن ايسٽ ۾ هيڊ مالھي طور ڪم ڪري رهيو آهيان، هوميوپيٿڪ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي آهي، ميونسپل ڪارپوريشن ۾ پوسٽ به خالي آھي، ان ڪري ڊاڪٽر بڻايو وڃي

معزز جج جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو درخواست گذار کي چيو ته توهان کي نوڪريءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي، پنهنجي ڪلينڪ کولي ڇڏيو، اسان ۽ توهان جو وڪيل دوا وٺڻ لاءِ توهان جي ڪلينڪ تي اينداسينجيڪڏهن ڪم نٿا ڪري سگهو

معزز جج درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته وڪيل صاحب، ڇا توهان ڪڏهن پنهنجي مئوڪل کان دوا ورتي آهي؟

جنهن تي وڪيل چيو ته درخواست گذار اڃان ڪلينڪ ناھي کولي، ھو نوڪري حاصل ڪرڻ چاھي ٿو

ان موقعي تي ڊي ايم سي جي وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته درخواست ٻڌڻ جوڳي ناھي، فوري طور رد ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو