ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، او پي ڊيز جو بائيڪاٽ، مظاهرا، ڌرڻا، اڳواڻن چيو آهي ته صوبائي وزير عذرا پيچوهو مسئلا حل ڪرڻ بدران ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، خبر موجب لاڙڪاڻي ۾ ملازمن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز ريشان لانگاهه، غلام زهرا سولنگي، بينظير چنا، سلميٰ تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، احتجاج سبب سرڪاري اسپتالن ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريض رلي ويا، نوابشاهه ۾ ڊاڪٽرن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن فوزيه ارباب، عبدالطيف رستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل عملي، نرسز اسٽاف ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، خيرپور سول اسپتال جي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسنگ اسٽاف طرفان او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ٻانهنُ تي ڪاريون پٽيون عبدالحڪيم جاگيراڻي، امتياز ابڙو، فهيم ملاح، گلزار خاصخيلي، حڪيم لاڙڪ ۽ فاروق سولنگي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٺٽي ۾ سول اسپتال جي ملازمن او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري حاجي اسد خشڪ، حاجي ابراھيم سميجو، منظور چانڊيو، معشوق پنھور، لياقت عباسي، علي ڏنو خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، قمبر ۾ اڪبر گوپانگ، علي نواز مغيري، رفيق منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، دادو اسپتال جي او پي ڊي بند ڪري وارڊن کي تالا هڻي ڊاڪٽر احسان پنهور، ڊاڪٽر شيراز ڏاوڇ، راجا رفيق پنهور،  نثار لاشاري ۽ امتياز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ ملازمن او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ، ڊاڪٽر روھت ڪمار، عمر ميمڻ ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، مٽياري ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال اڳيان ڌرڻو هنيو، ڪشمور ۾ ملازمن علينواز چاچڙ، نظير ٽانوري، شڪيل دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪنڌڪوٽ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف سول اسپتال جي مين گيٽ اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي، ميروخان ۾ پيرا ميديڪل عملي ۽ ڊاڪٽرز اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڌرڻو هنيو، باقراڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، رتيديري ۾ ايل ايڇ ويز پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميان صاحب ۾   ڊاڪٽر اڪرم شيخ، عبدالفتاح پنهيار ۽ زاهدهه سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڏيئي ۾ ملازمن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر جيوت رام، اڪبر چانگ، راشد آرائين ۽ سانوڻ دلواڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ٽنڊوباگو ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف او پي ڊي جو ٻه ڪلاڪ بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر اسلم ڀرڳڙي، غلام محمد جوڻيجو ۽ مجيد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٿاڻوبولاخان اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي ڊاڪٽر پريم ڪمار، ڊاڪٽر راجيش ڪمار، احسان حملاڻي ۽ منير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، سنجر چانگ ۾ هيلٿ ورڪرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر علي خان بلوچ، محمد شريف، انيلا رند، عثمان احمداڻي، نسرين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ماتلي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف راشده نظاماڻي، شبانا چانڊيو، نائيلا، شڪيلا ۽ قز بانو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊو آدم ۾ ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري مبارڪ خاصخيلي، مٺل پڃارو، ڊاڪٽر اسماعيل هنڱورو، ڊاڪٽر عبدالوحيد، نعيم ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪنري اسپتال ۾ عملي او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري رميز حيدر، عرفان خان، ايسر داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، اڪري چودڳي ويجهو بي ايچ يو خوش خير محمد هيسباڻي ۾ اسلم چاڪراڻي، شوڪت لاشاري، قائم محمود، امان خاتون، بختاور جلالاڻي، رخسانه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ بدران ڌمڪين تي لهي آئي آھي، هنن چيو ته ڪرونا، برسات ۽ ٻوڏ دوران جانيون خطري ۾ وجهي ڊيوٽيون ڪيون ۽ فرنٽ لائين تي بيٺل رهياسين پر ان جي باوجود رسڪ الائونس کان محروم ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن گهر ڪئي ته رسڪ الائونس بحال ڪرڻ سميت سروس اسٽرڪچر ۽ ٽائيم اسڪيل ڏئي ملازمن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.