ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 281 رپين تي پهتو:  سون پڻ 1200 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1200 رپيا واڌ سان 197800 مان 199000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي پڻ 10 رپيا اضافي سان  2230 مان 2240 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپئي  جي واڌ سان 280 مان 281 ۽ انٽر بينڪ ۾ سوا رپئي  جي اضافي سان 277.92 مان 279.12 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن پائونڊ  هڪ رپيو لاٿ سان 333 مان 332 ۽ يورو 3 رپيا گهٽتائي سان  295.5 مان 292.5 رپين تي پهتا هئا