ڪراچي (رپورٽ : سترام مهيشوري) ڊالر 214 رپين جي تاريخي بلندي تي پهتو: سون 148000 رپيا في تولو ٿي ويو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  4900 رپين جي واڌ سان 143100 مان 148000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1520 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 2 رپيا واڌ سان 212 مان 214  ۽ انٽر بينڪ ۾ هڪ رپيو 21 پئسا واڌ سان 208.75 مان 209.96 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا اضافي سان 260 مان 260.5 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن  يورو 223 رپين تي برقرار رهيو، پرڏيهي  ڪرنسي ۾ هلندڙ واڌ ايڪسپورٽ ڪندڙ  واپارين کي پريشان  ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف  هڪ هفتي جي وقفي بعد ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ٻيهر ٻاڙائي جو شڪار ٿي وئي، ڪاروباري هفتي جي  پهرين ڏينهن 100 انڊيڪس 363.7 پوائنٽن جي لاٿ سان 41776.9 پوائنٽن تي بند ٿي، ڪاروبار ۾ 0.86 سيڪڙو لاٿ رهي، 6 ڪروڙ 64 لک شيئرز  جو ڪاروبار ٿيو، ريڪارڊ مندي سبب سيڙپڪارن جا اربين  رپيا ٻڏي ويا